پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ معاشي تعاون جو نئون باب، واپار 20 ڪروڙ ڊالرن تائين وڌائڻ جو هدف

دوشنبي-04 جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ تاجڪستان ٻه طرفي واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ علائقائي رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم اڳڀرائي ڪندي ايندڙ 3 سالن ۾ گڏيل واپاري ڳاڻيٽو 20 ڪروڙ آمريڪي ڊالرن تائين وڌائڻ جي روڊ ميپ تي اتفاق ڪيو آهي. حڪومت ۽ جمهوريه تاجڪستان وچ ۾ واپار، اقتصادي ۽ سائنسي ۽ فني تعاون بابت گڏيل ڪميشن (جوائنٽ ڪميشن) جو اٺون اجلاس تاجڪستان جي گاديءَ واري هنڌ دوشنبي …

دوشنبي-04 جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ تاجڪستان ٻه طرفي واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ علائقائي رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم اڳڀرائي ڪندي ايندڙ 3 سالن ۾ گڏيل واپاري ڳاڻيٽو 20 ڪروڙ آمريڪي ڊالرن تائين وڌائڻ جي روڊ ميپ تي اتفاق ڪيو آهي. حڪومت ۽ جمهوريه تاجڪستان وچ ۾ واپار، اقتصادي ۽ سائنسي ۽ فني تعاون بابت گڏيل ڪميشن (جوائنٽ ڪميشن) جو اٺون اجلاس تاجڪستان جي گاديءَ واري هنڌ دوشنبي ۾ منعقد ٿيو. اجلاس جي گڏيل صدارت پاڪستان جي توانائيءَ واري وزير سردار اويس احمد خان لغاري ۽ تاجڪستان جي توانائي ۽ پاڻي وسيلن واري وزير جمعه دلير شفقير ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان طرفان اقتصادي معاملن واري وزارت، واپار واري وزارت، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت، صحت واري وزارت، صنعتن ۽ پيداوار واري وزارت، پاور ڊويزن، پيٽروليم ڊويزن، بين الصوبائي رابطن واري ڊويزن ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي نمائندن شرڪت ڪئي، جڏهن ته تاجڪستان جي لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي عملدارن شرڪت ڪئي. تاجڪ شريڪ چيئرمين پاڪستاني وفد جي آجيان ڪندي توانائي، واپار، صنعت، صحت، ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات، زراعت، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ميڊيا، سياحت، راندين ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ ٿيندڙ فني سطح تي مفيد ڳالهه ٻولهه کي ساراهيو. وفاقي وزير تاجڪ حڪومت ۽ عوام طرفان شاندار مهمان نوازيءَ تي ٿورو مڃيندي ٻنهي ملڪن جي ماهرن وچ ۾ ٿيل تعميري ڳالهه ٻولهه کي ساراهيو ۽ گڏيل ڪميشن ۾ ڪيل فيصلن تي مؤثر عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڀريو. پاڪستان واپار، سيڙپڪاري ۽ علائقائي رابطن کي هٿي ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي ملڪن واپاري وفدن جي مٽاسٽا، ڪاروباري ادارن وچ ۾ ملاقاتون (بي 2 بي) ۽ آن لائن واپاري رابطن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ڌُرين ٽيرف، ضابطن ۽ واپاري موقعن بابت معلومات جي مٽاسٽا سان گڏوگڏ ايندڙ 3 سالن ۾ ٻه طرفي واپار جو ڳاڻيٽو 20 ڪروڙ آمريڪي ڊالرن تائين وڌائڻ لاءِ گڏيل روڊ ميپ تيار ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ٻنهي ملڪن تاجڪستان جي ايڪسپورٽ ايجنسي ۽ ٽريڊ ڊولپمينٽ آف پاڪستان وچ ۾ مفاهمتي يادداشت کي حتمي شڪل ڏيڻ جي آجيان ڪئي. ترجيحي واپاري  معاهدي (پي ٽي اي) تي اڳڀرائيءَ جو جائزو وٺندي ان جي جلد تڪميل لاءِ ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ان کان علاوه حڪومتي سطح تي خريداريءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تاجڪستان جي اسٽيٽ مٽيريل ريزروز ايجنسي ۽ ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان وچ ۾ تعاون تي به اتفاق ڪيو. ڌُرين ڪاسا-1000 منصوبي تحت ٿيل اڳڀرائيءَ کي ساراهيندي منصوبي جي وقت سر تڪميل جي اهميت تي زور ڀريو. پاڪستان ۽ تاجڪستان جون 2026ع ۾ استنبول ۾ ٿيندڙ ڪاسا-1000 جوائنٽ ورڪنگ گروپ اجلاس ۾ شرڪت ۽ باقي رهيل واپاري ۽ عملي معاملن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. تاجڪ توانائي ۽ پاڻي وسيلن واري وزارت پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ ۽ آئل اينڊ گيس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل) لاءِ تاجڪستان جي تيل ۽ گيس جي شعبي ۾ سيڙپڪاريءَ جا موقعا تلاش ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. تاجڪ ماهرن کي پاڪستان جي آئل اينڊ گيس ٽريننگ انسٽيٽيوٽ ذريعي تربيتي موقعا فراهم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. زرعي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن زرعي واپار وڌائڻ، موسمي ۽ وڌيڪ پيداواري صلاحيت رکندڙ جنسن بابت معلومات جي مٽاسٽا ۽ ڪپهه، ڪڻڪ، پٽاٽن ۽ ڀاڄين جي اعليٰ پيداوار ڏيندڙ قسمن جي آزمائش ۽ منتقليءَ ۾ تعاون تي زور ڀريو. زراعت ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل روڊ ميپ تيار ڪرڻ ۽ نباتاتي ۽ ويٽرنري صحت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي يونيورسٽين ۽ تحقيقي ادارن وچ ۾ رابطن کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. تاجڪستان، تاجڪستان يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي ۽ نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) اسلام آباد وچ ۾ انجنيئرنگ، آءِ ٽي ۽ آرڪيٽيڪچر جي شعبن ۾ سهڪار جي تجويز پيش ڪئي. پاڻي وسيلن، پن بجلي، ماحوليات ۽ـ زراعت ۾ گڏيل تحقيقي منصوبن ۽ سائنسي معلومات ۽ جديد ٽيڪنالاجي مٽاسٽا تي به اتفاق ڪيو ويو. ثقافت، سياحت، نوجوانن جي معاملن ۽ راندين جي شعبن ۾ تعاون جي تجويزن جي آجيان ڪندي ٻنهي وزيرن پائيدار سياحت کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڀريو. اجلاس ۾ وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري تاجڪستان جي مهمان نوازي، تعميري تعاون ۽ دوستاڻي جذبي کي ساراهيو. تاجڪستان طرفان به پاڪستاني وفد جي مؤثر هم آهنگي ۽ ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ عزم کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. دؤري دوران وفاقي وزير تاجڪستان جي وزيراعظم قاهر رسول زاده سان ملاقات ڪئي ۽ پاڪستاني قيادت جون نيڪ تمنائون پهچائيون. تاجڪستان جي وزيراعظم گڏيل ڪميشن جي ڪاميابيءَ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت جو ويزن گڏيل ناتن کي اسٽريٽجڪ حصيداريءَ جي سطح تائين پهچائي ڇڏيو آهي. وفاقي وزير ڪاسا-1000 منصوبي جي وقت سر تڪميل لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. ٻنهي ڌُرين پائيدار واپاري ۽ رابطا ڪاريءَ جي رستن جي ترقيءَ جي اهميت تي زور ڀريو. تاجڪستان جي وزيراعظم گذريل مهيني دوشنبي ۾ ٿيل اعليٰ سطحي واٽر فورم ۾ پاڪستان جي شرڪت کي ساراهيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سڌيءَ ريت اُڏامن جي شروعات ۽ ويزا سهولتن کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو ويو. ان موقعي تي تجويز ڏني وئي ته ٻه طرفن لاڳاپن جي وڌندڙ اهميت کي نظر ۾ رکندي گڏيل ڪميشن جو اجلاس سال ۾ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا منعقد ڪيو وڃي. ٻنهي ملڪن واپار، زراعت، توانائي، سياحت ۽ علائقائي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل ڪميشن ذريعي جاري اڳڀرائيءَ کي برقرار رکڻ جي عزم کي ورجايو.

مزید خبریں