اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس، جسٽس يحيٰ آفريديءَ سان سنگاپور انٽرنيشنل ميڊي ايشن سينٽر (ايس آءِ ايم سي) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر چوان وي مينگ جي سربراهيءَ ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي. وفد پاڪستان ۾ وفاقي جوڊيشل اڪيڊمي اسلام آباد جي انتظام هيٺ ججن لاءِ رٿيل ايڪريڊٽڊ ميڊي ايشن اسڪلز ورڪشاپ ۽ اسيسمينٽ پروگرام ۾ شرڪت جي سلسلي ۾ پاڪستان جي دؤري …
چيف جسٽس يحيٰ آفريديءَ سان سنگاپور انٽرنيشنل ميڊي ايشن سينٽر جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس، جسٽس يحيٰ آفريديءَ سان سنگاپور انٽرنيشنل ميڊي ايشن سينٽر (ايس آءِ ايم سي) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر چوان وي مينگ جي سربراهيءَ ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي. وفد پاڪستان ۾ وفاقي جوڊيشل اڪيڊمي اسلام آباد جي انتظام هيٺ ججن لاءِ رٿيل ايڪريڊٽڊ ميڊي ايشن اسڪلز ورڪشاپ ۽ اسيسمينٽ پروگرام ۾ شرڪت جي سلسلي ۾ پاڪستان جي دؤري تي آهي. سپريم ڪورٽ طرفان جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ سپريم ڪورٽ جي جج ۽ وفاقي جوڊيشل اڪيڊمي جي بورڊ آف گورنرنز جو صلاحڪار جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب به موجود هو. ملاقات دوران پاڪستان ۾ متبادل تڪراري حل (اي ڊي آر) جي نظام کي هٿي ڏيڻ ۽ استحڪام بابت معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چيف جسٽس تڪرارن جي حل لاءِ ٽياڪڙي (ميڊي ايشن) کي مؤثر، وقت سر ۽ گهٽ لاڳت طريقو قرار ڏيندي عدالتي نظام ۾ اي ڊي آر کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جاري سڌارا جاتي قدمن تي روشني وڌي. چيف جسٽس اداره جاتي سگهه وڌائڻ، پيشيوراڻي مهارتن کي هٿي ڏيڻ ۽ معاشري ۾ ٽياڪڙيءَ جي ثقافت کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن عوام کي مؤثر ۽ آسان انصاف جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي. ان موقعي تي عدالتي تربيت ۽ عالمي تعاون ذريعي ٽياڪڙيءَ جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ ڪيسن جي بار ۾ گهٽتائي جي امڪانن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. سنگاپور انٽرنيشنل ميڊي ايشن سينٽر جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ٽياڪڙي کي هٿي ڏيڻ ۽ متبادل تڪراري حل جي اداره جاتي نظام جي قيام ۾ پنهنجي اداري جي تجربن کان آگاهه ڪيو. هن پاڪستان ۾ ٽياڪڙي جي مضبوط فريم ورڪ جي جوڙجڪ لاءِ سگهه ۾ واڌ ۽ عالمي بهترين طريقيڪار جي مٽاسٽا ۾ سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ٽياڪڙي جي تربيتي، ايڪريڊيٽيشن، پيشيوراڻي ترقي ۽ اداره جاتي استحڪام جي شعبن ۾ گڏيل تعاون جي امڪانن جو به جائزو ورتو ويو. ڌُرين ان اميد جو اظهار ڪيو ته گڏيل ڪوششون پاڪستان ۾ ٽياڪڙي ۽ متبادل تڪراري حل جي نظام کي وڌيڪ مؤثر بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي طرفان ٽياڪڙيءَ کي تڪرار جي حل لاءِ هڪ مؤثر، رسائي جوڳي ۽ عالمي سطح تي تسليم ٿيل طريقيڪار طور تي هٿي ڏيڻ ۽ پاڪستان ۽ سنگاپور جي لاڳاپيل ادارن وچ ۾ سهڪار وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.










