وزيراعظم شهباز شريف پاران خيبرپختونخواهه ۾ ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي)  وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه ۾ ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪارروايون جاري رهنديون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڊيره اسماعيل خان ۽ مهمند ۾ فتنه الخوارج جي چار دهشتگردن جي …

اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي)  وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه ۾ ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪارروايون جاري رهنديون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڊيره اسماعيل خان ۽ مهمند ۾ فتنه الخوارج جي چار دهشتگردن جي مارجڻ تي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيندي چيو ته ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف موثر ڪارروائي ساراهه جوڳي آهي. هن چيو ته قوم پنهنجي بهادر هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، پاڪستان جي امن، استحڪام ۽ سلامتي جي لاءِ هر سازش کي ناڪام بڻائينداسين، دهشتگرد عنصرن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي لاءِ پاڪستان ۾ ڪا جڳهه نه آهي. وزيراعظم چيو ته “عزم استحڪام” تحت دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارا پرعزم آهن، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.

مزید خبریں