راولپنڊي-04 جون (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ڪي پي ڪي صوبي ۾ ٻن ڌار ڪاررواين ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 4 خوارجين کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب 4/3 جي رات ڪي پي ڪي صوبي ۾ ٻن ڌار ڪاررواين ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 4 خوارجي ماريا ويا. خوارجين جي موجودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز طرفان ڊيرا اسماعيل خان …
ڪي پي ڪي صوبي ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ٻه ڌار ڌار ڪارروايون، ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 4 خوارجي مارجي ويا

مزید خبریں
راولپنڊي-04 جون (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ڪي پي ڪي صوبي ۾ ٻن ڌار ڪاررواين ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 4 خوارجين کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب 4/3 جي رات ڪي پي ڪي صوبي ۾ ٻن ڌار ڪاررواين ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 4 خوارجي ماريا ويا. خوارجين جي موجودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز طرفان ڊيرا اسماعيل خان ضلعي ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ڪيو ويو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز خوارجين جي ٺڪاڻن کي مؤثر طريقي سان نشانو بڻايو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 2 خوارجي ماريا ويا، جن جو تعلق ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج سان هو. سيڪيورٽي فورسز طرفان ٻي ڪارروائي ضلعي مهمند ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪئي وئي. مهارت سان ڀرپور ڪارروائيءَ جي نتيجي ۾ 2 وڌيڪ خوارج مؤثر طريقي سان ماريا ويا. مارجي ويل حمايت يافته خوارجين جي قبضي مان هٿيار ۽ گوله بارود پڻ هٿ آيو، جيڪي علائقي ۾ ڪيترن ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ سرگرم هئا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان ويزن عزم استحڪام تحت دهشتگرديءَ جي خاتمي جي مهم طور علائقي ۾ موجود ڪنهن ٻئي خوارجي کي ختم ڪرڻ لاءِ سينيٽائزيشن جون ڪارروايون جاري آهن ۽ ڪنهن به غير ملڪي حمايت يافته دهشتگرد جي خاتمي لاءِ اهي ڪارروايون پوري رفتار سان جاري رهنديون.











