ڪراچي-04 جون (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ اسلام آباد ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ملڪ جي امن امان، بين الصوبائي سهڪار، منشيات جي خاتمي ۽ عوامي خدمتن جي بهتري سميت مختلف اهم معاملن تي خيال ونڊيا ويا. ملاقات ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي وڏن شهرن ۾ منشيات جي روڪٿام ۽ امن امان سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ تفصيلي ڳالهه …
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي اسلام آباد ۾ وفاقي گهرو وزير سان ملاقات

مزید خبریں
ڪراچي-04 جون (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ اسلام آباد ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ملڪ جي امن امان، بين الصوبائي سهڪار، منشيات جي خاتمي ۽ عوامي خدمتن جي بهتري سميت مختلف اهم معاملن تي خيال ونڊيا ويا. ملاقات ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي وڏن شهرن ۾ منشيات جي روڪٿام ۽ امن امان سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سنڌ حڪومت کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته سنڌ پوليس مشڪل حالتن ۾ بهادري، پيشيوراڻي صلاحيت ۽ عزم جو مظاهرو ڪندي امن امان بحال ڪرڻ ۾ قابل تعريف ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته وفاقي حڪومت امن امان قائم ڪرڻ ۽ منشيات جي روڪٿام ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. ملاقات دوران سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وفاق ۽ صوبن وچ ۾ مؤثر رابطو ۽ سهڪار قومي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جو بهترين ذريعو آهي. هن چيو ته قومي مفاد وارن معاملن ۾ سمورن ادارن ۽ حڪومتن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. سنڌ حڪومت ڏوهن جي خاتمي، امن امان جي قيام ۽ عوام جي تحفظ لاءِ پنهنجون ڪوششون وڌيڪ تيز ڪندي. ملاقات دوران ٻنهي وزيرن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته وفاقي ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي عوامي مسئلن جو حل يقيني بڻايو ويندو.










