پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ غارن ۽ قدرتي ڇپن” ڪاسٽ“ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو

اسلام آباد- 13 سيپٽمبر(اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ غارن ۽ قدرتي ڇپن”ڪاسٽ“ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو، 13 سيپٽمبر تي ” ڪاسٽ“ جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد زمين اندر موجود نازڪ ماحولياتي نظام، غارن ۽ قدرتي ڇپن جي سلسلي بابت دنيا ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ آهي. واضح رهي ته غارن ۽ مخصوص زميني حالت  ڪاسٽ  جو علائقو زمين جي اٽڪل هڪ ڀاڱي چار حصي تي پکڙيل …

اسلام آباد- 13 سيپٽمبر(اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ غارن ۽ قدرتي ڇپن”ڪاسٽ“ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو، 13 سيپٽمبر تي ” ڪاسٽ“ جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد زمين اندر موجود نازڪ ماحولياتي نظام، غارن ۽ قدرتي ڇپن جي سلسلي بابت دنيا ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ آهي. واضح رهي ته غارن ۽ مخصوص زميني حالت  ڪاسٽ  جو علائقو زمين جي اٽڪل هڪ ڀاڱي چار حصي تي پکڙيل آهي جيڪو هڪ ارب کان وڌيڪ ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ سميت انوکي حياتيات جو تحفظ پڻ ڪري ٿو. ڪاسٽ جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو يونيسڪو پاران ڪيو ويو ته جئين ان پوشيده قدرتي ورثي جي پائيدار انتظام ۽ سائنسي تحقيق کي هٿي وٺائي سگهجي. هلندڙ سال اهو ڏينهن ” غارن ۽ ڪاسٽ جي پائيدار انتظام جي دريافت، آگاهي ۽ ان جو تحفظ ڪرڻ“  جي موضوع هيٺ ملهايو پيو وڃي. ان ڏينهن جي موقعي تي خانگي ۽ سرڪاري ادارن سميت سماجي ادارن جي انتظام هيٺ مختلف پروگرام منعقد ڪيا ويا جن ۾ غارن ۽ قدرتي ڇپن جي حوالي سان عوامي سطح تي شعور اجاگر ڪيو ويو.