چين جي صدر پاران ڀارتي وزيراعظم جي دعوت  ۾ عدم شرڪت ڀارت چين لاڳاپن جي پيچيده نوعيت کي ظاهر ڪري ٿي

نئين دهلي - 13 سيپٽمبر (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ پاران نئين دهلي ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي طرفان برڪس اڳواڻن جي اعزاز ۾ ڏنل دعوت ۾ شرڪت نه ڪرڻ واري فيصلي ڀارت ۽ چين جي لاڳاپن جي پيچيده نوعيت کي ظاهر ڪيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق شي جن پنگ نئين دهلي پهتو ۽ مودي سان ڳالهين کان اڳ برڪس سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. …

نئين دهلي – 13 سيپٽمبر (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ پاران نئين دهلي ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي طرفان برڪس اڳواڻن جي اعزاز ۾ ڏنل دعوت ۾ شرڪت نه ڪرڻ واري فيصلي ڀارت ۽ چين جي لاڳاپن جي پيچيده نوعيت کي ظاهر ڪيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق شي جن پنگ نئين دهلي پهتو ۽ مودي سان ڳالهين کان اڳ برڪس سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اطلاعن مطابق هو آرام ڪرڻ لاءِ پنهنجي هوٽل واپس هليو ويو. بيجنگ يا نئين دهلي مان ڪنهن پاران به ان جي باضابطا وضاحت جاري ناهي ڪئي وئي. سندس عدم شرڪت ان ڪري اهم آهي ته روس جو صدر ولاديمير پيوٽن ۽ برڪس جا ڪيترائي ٻيا ڳاوڻن ان ميڙاڪي ۾ شريڪ ٿيا. اها اڳڀرائي ان ئي ڏينهن سامهون آئي جڏهن شي جن پنگ ۽ مودي ٻه طرفه لاڳاپن ۾ بهتري ۽ ڊگهي عرصي کان جاري سرحدي تڪرار جي حل جي ڪوششن تي ڳالهيون ڪيون. سندن ملاقات سان تڪراري سرحد تي ڪيترائي سال پراڻي فوجي ڇڪتاڻ کان پوءِ لاڳاپان کي مستحڪم ڪرڻ جي هڪ محتاط ڪوشش جو اشارو آهي. تجزيو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته دعوت جي ظاهري تاثر ۽ شي جن پنگ- مودي ملاقات جي اصل موضوعن وچ ۾ فرق ٻنهي طاقتن جي گڏيل لاڳاپن جي وڌندڙ مفاداتي نوعيت کي ظاهر ڪيو آهي، جتي سفارتي علامتن بدران تزويراتي مفادن کي ترجيح ڏني پئي وڃي.