انگلينڊ جي الفي هيوٽ پنجون ڀيرو يو ايس اوپن ٽينس مينز ويل چيئر سنگلز ٽائٽل کٽي ورتو

نيويارڪ-13 سيپٽمبر(اي پي پي) انگلينڊ جي ٽينس رانديگر الفي هيوٽ پنهنجي ڪيريئر ۾ پنجون ڀيرو يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامنٽ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. 28 سالن جي برطانوي ٽينس اسٽار بهترين راند جو مظاهرو ڪندي  مينز ويل چيئر سنگلز  فائنل ميچ ۾ 20 سالن جي جاپاني ٽاپ سيڊڊ رانديگر ٽوڪيٽو اوڊا کي شڪست ڏئي ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو. ميڊيا رپورٽن موجب هلندڙ سال جي ڇوٿين ۽ آخري گرينڊ سلام يو …

نيويارڪ-13 سيپٽمبر(اي پي پي) انگلينڊ جي ٽينس رانديگر الفي هيوٽ پنهنجي ڪيريئر ۾ پنجون ڀيرو يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامنٽ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. 28 سالن جي برطانوي ٽينس اسٽار بهترين راند جو مظاهرو ڪندي  مينز ويل چيئر سنگلز  فائنل ميچ ۾ 20 سالن جي جاپاني ٽاپ سيڊڊ رانديگر ٽوڪيٽو اوڊا کي شڪست ڏئي ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو. ميڊيا رپورٽن موجب هلندڙ سال جي ڇوٿين ۽ آخري گرينڊ سلام يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامنٽ جي دلچسپ مقابلن جو  سلسلو آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ جاري آهي، جنهن ۾ ٽينس راند جي شوقينن کي دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. مقابلي دوران الفي هيوٽ انتهائي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري مخالف رانديگر جاپان جي  ٽوڪيٽو اوڊا کي ٽاءِ بريڪ تي اسٽريٽ سٽيس ۾ 0-6 ۽ 6-7 تان شڪست ڏئي پنجون ڀيرو يو ايس اوپن مينز ويل چيئر سنگلز جو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو.