ابوظهبي - 13 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات هيٽي ۾ انساني امداد لاءِ 10 ملين ڊالر مختص ڪيا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد آل نهيان جي هدايتن، الظفره ريجن جي حڪمران جي نمائندي ۽ امارات ريڊ ڪريسنٽ اٿارٽي جي چيئرمين شيخ محمد بن زايد آل نهيان جي نگراني ۾ گڏيل عرب امارات پاران هيٽي ۾ انساني بحران سبب متاثر ماڻهن …
گڏيل عرب امارات هيٽي ۾ انساني امداد لاءِ 10 ملين ڊالر مختص ڪري ڇڏيا

مزید خبریں
ابوظهبي – 13 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات هيٽي ۾ انساني امداد لاءِ 10 ملين ڊالر مختص ڪيا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد آل نهيان جي هدايتن، الظفره ريجن جي حڪمران جي نمائندي ۽ امارات ريڊ ڪريسنٽ اٿارٽي جي چيئرمين شيخ محمد بن زايد آل نهيان جي نگراني ۾ گڏيل عرب امارات پاران هيٽي ۾ انساني بحران سبب متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ 10 ملين آمريڪي ڊالر جي هنگامي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. اها امداد امارات ريڊ ڪريسنٽ ذريعي فراهم ڪئي ويندي، امداد ۾ خوراڪ جون بنيادي شيون، رهائش لاءِ ضروري سامان، صحت، صاف پاڻي، صفائي ۽ صحت جي ٻين سهولتن سان گڏوگڏ دوائون، طبي سامان ۽ اوزار شامل آهن. امدادي پروگرام جو مقصد هيٽي ۾ ملڪ اندر بي گهر ماڻهن ۽ ڪمزور طبقي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ آهي. امدادي پروگرام تي عمل ڪرڻ لاءِ سموريون تياريون مڪمل آهن. پروگرام جي پهرين مرحلي ۾ خوراڪ، رهائش، صحت، پاڻي ۽ صفائي تي ڌيان ڏنو ويندو. واضح رهي ته هيٽي ۾ هن وقت شديد انساني بحران درپيش آهي، هڪ اندازي موجب 10 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن، جڏهن ته لکين ماڻهو غذائي عدم تحفظ جو شڪار آهن ۽ کين فوري طور تي انساني امداد جي ضرورت آهي.










