نيويارڪ-13 سيپٽمبر(اي پي پي) قازقستان جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ ميگا ايونٽ جي سيڪنڊ سيڊڊ ايلينا ريباڪينا بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامنٽ ۾ عورتن جو سنگل ٽائٽل کٽي ورتو آهي. 27 سالن جي ايلينا ريباڪينا وومينز سنگلز فائنل ۾ بيلا روس جي نالي واري ٽينس اسٽار، ميگا ايونٽ جي دفاعي چيمپئن ۽ ٽاپ سيڊڊ آريانا سبالينڪا کي شڪست ڏئي پهريون ڀيرو اوپن ٽينس جو ٽائٽل …
ايلينا ريباڪينا پهريون ڀيرو يو ايس اوپن ٽينس ٽائٽل کٽي ورتو، دنيا جي نئين نمبر ون رانديگرياڻي بڻجي وئي
نيويارڪ-13 سيپٽمبر(اي پي پي) قازقستان جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ ميگا ايونٽ جي سيڪنڊ سيڊڊ ايلينا ريباڪينا بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامنٽ ۾ عورتن جو سنگل ٽائٽل کٽي ورتو آهي. 27 سالن جي ايلينا ريباڪينا وومينز سنگلز فائنل ۾ بيلا روس جي نالي واري ٽينس اسٽار، ميگا ايونٽ جي دفاعي چيمپئن ۽ ٽاپ سيڊڊ آريانا سبالينڪا کي شڪست ڏئي پهريون ڀيرو اوپن ٽينس جو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب هلندڙ سال جي ڇوٿين ۽ آخري گرينڊ سلام يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامنٽ جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ جاري آهي جنهن ۾ ٽينس مداحن کي دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. آرٿر ايش اسٽيڊيم ۾ کيڏيل وومينز سنگلز مقابلن جي فائنل ميچ ۾ ايلينا ريباڪينا انتهائي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري 28 سالن جي ٽينس اسٽار ميگا ايونٽ جي دفاعي چيمپئن ۽ ٽاپ سيڊڊ آريانا سبالينڪا کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪندي عورتن جي سنگلز مقابلن جي عالمي رينڪنگ ۾ پهرين نمبر تي پهچي وئي. واضح رهي ته ايلينا ريباڪينا هلندڙ سال آسٽريلين اوپن ٽينس پڻ کٽي چڪي آهي ۽ هو هڪ ئي سال ۾ ٻئي هارڊ ڪورٽ گرينڊ سلام کٽيندڙ ڇهين رانديگرياڻي بڻجي وئي آهي.











