اسلام آباد - 13 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪراچي پورٽ جي تاريخي ڪارڪردگي سبب نار تڪرار ۾ نوان واپاري موقعا ۽ پاڪستان جي وڌندڙ سامونڊي صلاحيت اجاگر ٿي آهي. سامونڊي سڌارن بابت وزيراعظم جي ٽاسڪ فورس تحت ڪراچي پورٽ 138 سالن کان پاڪستان جي سامونڊي واپار ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. گذريل مالي سال ڪراچي پورٽ پنهنجي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪارگو ۽ ڪنٽينرز هينڊل ڪيا، ڪراچي …
ڪراچي پورٽ جي تاريخي ڪارڪردگي، نار تڪرار ۾ نوان واپاري موقعا ۽ پاڪستان جي وڌندڙ بحري صلاحيت اجاگر ٿي آهي: وزيراعظم جو سامونڊي سڌارن بابت ٽاسڪ فورس
اسلام آباد – 13 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪراچي پورٽ جي تاريخي ڪارڪردگي سبب نار تڪرار ۾ نوان واپاري موقعا ۽ پاڪستان جي وڌندڙ سامونڊي صلاحيت اجاگر ٿي آهي. سامونڊي سڌارن بابت وزيراعظم جي ٽاسڪ فورس تحت ڪراچي پورٽ 138 سالن کان پاڪستان جي سامونڊي واپار ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. گذريل مالي سال ڪراچي پورٽ پنهنجي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪارگو ۽ ڪنٽينرز هينڊل ڪيا، ڪراچي پورٽ جي ڪارگو هينڊلنگ 53 ملين ٽن کان وڌي 55.8 ملين ٽن جي رڪارڊ سطح تي پهچي وئي. رڪارڊ ڪارگو سان ڪراچي پورٽ تي گذريل مالي سال دوران 2 هزار 115 سامونڊي جهازن جي اچ وڃ به رڪارڊ ڪئي وئي. عالمي سطح تي شپنگ روٽس متاثر ٿيا ته ڪراچي پورٽ لاءِ ٽرانس شپمينٽ جا نوان واپاري موقعا پيدا ٿيا آهن. نار تڪرار دوران ڪراچي پورٽ تي ٽرانس شپمينٽ سرگرمين ۾ اضافو ٿيو ۽ بحران کي واپاري موقعي ۾ تبديل ڪيو ويو. پاڪسان جي اٽڪل 60 سيڪڙو ڪاروگو جو دارومدار ڪراچي پورٽ سان لاڳاپيل واپاري نظام تي آهي، جيڪو بندرگاهه جي قومي اهميت واضح ڪري ٿو.











