سينيٽ چيئرمين جي قائداڻي بصيرت سان پاڪستان جي پارلياماني سفارتڪاري وڌيڪ مستحڪم ٿي آهي: آءِ ايس سي

اسلام آباد - 13 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران پارلياماني سفارتڪاري کي هٿي وٺائڻ ۽ سڄي دنيا جي پارليامينٽ سان گڏ پاڪستان جا رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ مسلسل ڪوششن کي بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس (آءِ ايس سي) پاران ساراهيو ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق اها ساراهه 26 کان 28 آگسٽ 2026ع تي ڪمبوڊيا جي گادي واري شهر نوم پنهه ۾ منعقد ٿيل ٻي بين …

اسلام آباد – 13 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران پارلياماني سفارتڪاري کي هٿي وٺائڻ ۽ سڄي دنيا جي پارليامينٽ سان گڏ پاڪستان جا رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ مسلسل ڪوششن کي بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس (آءِ ايس سي) پاران ساراهيو ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق اها ساراهه 26 کان 28 آگسٽ 2026ع تي ڪمبوڊيا جي گادي واري شهر نوم پنهه ۾ منعقد ٿيل ٻي بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ سندس قيادت ۽ فعال ڪردار جي اعتراف ۾ ڪئي وئي. آءِ ايس سي جي سيڪريٽري جنرل ايڪناٿ ڍڪال، سينيٽ چيئرمين نالي پنهنجي خط ۾ آءِ ايس سي ۽ سينيٽ آف ڪمبوڊيا جي صدر پاران ڪانفرنس ۾  سندس شرڪت ۽ ڪردار تي ٿورو مڃيو.  خط ۾ سيد يوسف رضا گيلاني کي بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي باني چيئرمين جي حيثيت سان به خراج تحسين پيش ڪيو ويو. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي پارلياماني سفارتڪاري، امن، ڳالهين، گڏيل افهام و تفهيم، تڪرارن جي پرامن حل ۽ قومن وچ ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي ٻڌل آهي. سڄي دنيا جي اسپيڪرز، پارلياماني سربراهن ۽ پارلياماني اڳواڻن سان سندس مسلسل رابطن روايتي سفارتي ذريعن کان هٽي ڪري پارليامينٽ سان پارليامينٽ وچ ۾ رابطن ۽ اداره جاتي سڌارن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. آءِ ايس سي پاران سينيٽ چيئرمين جي ڪوششن جي ساراهه پارلياماني سفارتڪاري جي ميدان ۾ سندس اهم ڪردار جو اعتراف آهي ۽  اهو پاڪسان جي تعميري گهڻ رخي تعاون، امن ۽ گڏيل خوشحالي جي عزم جي به عڪاسي ڪري ٿو.