مدينه منوره -19 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي اختيارين چيو آهي، ته 7 لک کان وڌيڪ حج پانڌيئڙا مدينه منوره پهچي چڪا آهن، سعودي عرب جي نشرياتي اداري حج ۽ وزٽ ڪميٽي جي انگن اکرن جي حوالي سان ٻڌايو آهي، ته گذريل ڏينهن آيل زائرين جو ڪل انگ 29 هزار 90 هو، جن مان 25 هزار 962 مدينه منوره جي پرنس محمد بن عبدالعزيز انٽرنيشنل هوائي اڏي تي پهتا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي، ته گذريل 5 لک 56 هزار 953 حج پانڌيئڙا مدينه منوره ۾ حاضري ڏيڻ بعد مڪي پاڪ لاءِ روانا ٿيا آهن جڏهن ته هڪ ڏينهن اڳ تائين مدينه منوره ۾ ترسيل حج پانڌيئڙن جو انگ هڪ لک 61 هزار 21 رڪارڊ ڪيو ويو. مدينه منوره ۾ قائم مختلف طبي مرڪزن مان 32 هزار 631 حج پانڌيئڙن خدمتون ۽ سهولتون حاصل ڪيون آهن.