رياض_ 15 جون(اي پي پي) سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان فرانس جي دوري تي روانو ٿي ويو. ميڊيا رپورٽن موجب سعودي ولي عهد فرانس جي دوري دوران 19 جون تي پئرس ۾ منعقد ٿيندڙ ايڪسپو 2030ع جي ميزباني ۽ 22 جون تي منعقد ٿيندڙ نئين عالمي مالياتي معاهدي جي سربراهي اجلاس ۾ ملڪي وفد جي نمائندگي ڪندو. سعودي ولي عهد صدر ايمانويل ميڪرون سان پڻ ملاقات ڪندو. ان کان اڳ سعودي ولي عهد جولاءِ 2022 ۾ فرانسيسي صدر سان مليو هو.