وفاقي حڪومت عام چونڊون وقت تي ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي آئيني ۽ قانوني ذميواريون پوريون ڪندي، آدمشماري جو عمل وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون، آءِ ايم ايف سان گذريل حڪومت آئيني ۽ جمهوري طريقي سان پنهنجي حڪومت جو خاتمو ٿيندو ڏسي انحراف ڪيو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت عام چونڊون وقت تي ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي آئيني ۽ قانوني ذميواريون پوريون ڪندي، آدمشماري جو عمل وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون، آءِ ايم ايف سان گذريل حڪومت آئيني ۽ جمهوري طريقي سان پنهنجي حڪومت جو خاتمو ٿيندو ڏسي انحراف ڪيو، اسان ان معاهدي جي …

اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت عام چونڊون وقت تي ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي آئيني ۽ قانوني ذميواريون پوريون ڪندي، آدمشماري جو عمل وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون، آءِ ايم ايف سان گذريل حڪومت آئيني ۽ جمهوري طريقي سان پنهنجي حڪومت جو خاتمو ٿيندو ڏسي انحراف ڪيو، اسان ان معاهدي جي پاسداري ڪئي آهي ۽ اميد آهي ته اهو معاهدو جلد ٿيندو، آدمشماري جو فيصلو گذريل حڪومت جي دور ۾ ٿيو اسان ان تي عمل ڪري رهيا آهيون، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي حوالي سان پارٽي اڳواڻن کي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، اسان پوري قوت ۽ تياري سان چونڊن ۾ حصو وٺنداسين، انهن ٻنهي صوبن ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ جي حوالي سان خدشن جو حل اليڪشن ڪمِشن کي ڪڍڻو آهي. سي پي اين اي جي وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي اڄ معاشي ۽ سياسي لحاظ کان تمام گهڻا چئلينجز درپيش آهن، اتحادي حڪومت جي حوالي سان وڌيڪ ڳالهه نه ڪندس ته اها خودنمائي لڳي پر معيشت کي هٿي ڏيڻ ۽ ملڪ کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آنديون پيون وڃن، اسان جي حڪومت کي 11 مهينا ٿي چڪا آهن، معاشي لحاظ کان گذريل حڪومت جي دور کان پاڪستان جي ڏيوالپڻي ٿيڻ واري خوف مان نڪري چڪا آهيون، آءِ ايم ايف سان معاهدي ۾ اهڙيون شرطون تسليم ڪرڻيون پئجي رهيون آهن جنهن جو عام ماڻهو تي بار پوڻو آهي، آءِ ايم ايف سان گذريل حڪومت معاهدو ڪيو ۽ جڏهن جنوري، فيبروري ۾ انهن کي خبر پئي ته انهن جي خلاف آئيني ۽ قانوني طريقي سان انهن کي هٽايو پيو وڃي ته پنهنجي ئي معاهدي کان انحراف ڪيو، هي ڪو نجي معاهدو نه هو پر پاڪستان جي رياست جو آءِ ايم ايف سان معاهدو هو، ان انحراف جو جيڪو نقصان ٿيو اهو سڀني جي سامهون آهي ۽ هاڻي اهڙيون شرطون جيڪي گذريل حڪومت مڃيون هيون هاڻي آءِ ايم ايف چيو ته انهن تي جيئن جو تيئن عمل ڪندا ۽ انهن جو باقاعده جائزو وٺڻ جي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته اسان کي اها ڳالهه مڃڻي پئي آهي هاڻي اسان کي اميد آهي ته اسٽاف ليول تي معاهدو جلد ٿي ويندو ۽ پوءِ اهو بورڊ وٽ ويندو. هن چيو ته اسان جي 11 مهينن جي اتحادي حڪومت آهي، اهو تاثر هو ته هي اتحادي حڪومت شهباز شريف نه هلائي سگهندو پر سمورن اتحادين جي مثبت ڪردار جي ڪري هي حڪومت قائم آهي ۽ تاريخ ۾ پهرين اتحادي حڪومت انهن حالتن ۾ هڪ جان ٻه دل آهي ۽ اڳتي وڌي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت مشڪل حالتن ۾ فيصلا ڪيا، ڪفايت شعاري تي گڏيل دانش سان فيصلا ڪيا ويا جنهن تي فوري ڪابينا ڪميٽي ٺاهي وئي جنهن جا ٽي اجلاس ٿي چڪا آهن ان تي تمام گهڻي اڳڀرائي آهي، ايندڙ هفتي ان جو اجلاس پاڻ چيئر ڪندس. هن چيو ته حڪومت سنجيدگي سان انهن تجويزن تي عمل ڪندي. سمورا ڪابينا ميمبر به ان ۾ ساٿ ڏيندا. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ آئي وفاقي حڪومت نج پنهنجي وسيلن سان شفافيت سان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ اين ڊي ايم اي جي ذريعي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ سئو ارب رپيا خرچ ڪيا، اسان هر جڳهه تي وياسين. جنيوا ۾ متاثرين جي لاءِ ٿيندڙ ڊونرز ڪانفرنس جي اعلانن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون ته جيئن اتان ملندڙ امداد زلزلي متاثرين ۾ ورهائي سگهون. ترڪيه ۽ شام ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلو آيو، جنهن ۾ لکين گهر تباهه ۽ ڪروڙين بي گهر ٿيا، ترڪيه پاڪستان هڪ اهڙي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن انهن جي لاءِ امدادي سامان موڪلي رهيا آهيون، ترڪيه ۾ خيمن جي وڌيڪ ضرورت آهي، شام ۾ خوراڪ، دوائن ۽ ڪپڙن جي ضرورت آهي، پاڪستان جي عوام ان تي پنهنجو حق ادا ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ تسلسل سان امدادي سامان موڪليو پيو وڃي. هن چيو ته چونڊون وقت سر منعقد ڪرڻ آئيني ۽ قانوني ضرورت آهي، ان سان ملڪ اڳتي هلندو. ان حوالي سان وفاق پنهنجا فرض ادا ڪري رهي آهي، 2021ع ۾ گذريل حڪومت جي دور ۾ آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو ٿيو هو. گذريل آدمشماري تي ڪجهه صوبن ۽ سياسي پارٽين کي شديد خدشا هئا، اهو فيصلو گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو آهي ان جي باقاعده شروعات ٿي چڪي اهي، ان جي لاءِ فنڊز به فراهم ڪيا ويا آهن. ان تي ڪجهه صوبن کي اعتراض آهن انهن سان اڄ ملاقات آهي، اهي انهن خدشن جو ازالو چاهين ٿا، انهن کي به معاونت ڪرڻي آهي، اسان چاهيون ٿا ته وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ اهو ڪم مڪمل ٿئي، سان مالي چئلينجن جي باوجود مالي معاونت ڪئي آهي ته جيئن اهو عمل وقت سر مڪمل ٿئي ۽ چونڊون وقت سر منعقد ڪرڻ ۾ دير نه ٿئي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ عام چونڊن جي حوايل سان اليڪشن ڪميشن کي صوبائي حڪومت دهشتگردي جي خدشن جي حوالي سان لکت ۾ آگاهه ڪيو آهي، انهن معاملن جو حل اليڪشن ڪميشن کي ڪڍڻو آهي، اهو فيصو مون کي ناهي ڪرڻو. هن چيو ته بطور مسلم ليگ (ن) جي پارٽي صدر مون پنهنجي اميدوارن کي اها هدايت ڪري چڪو آهيان ته ٻنهي صوبن ۾ پنهنجي ڪاغذ وقت سر جمع ڪرائين. هن چيو ته 75 سالن ۾ پهريون ڀيرو ائين ٿي رهيو آهي ته رڳو ٻن صوبن ۾ چونڊون ٿي رهيون آهن، ان جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا، اهو وقت ٻڌائيندو جڏهن ته ان جي جيڪا قانوني ۽ آئيني ضرورت آهي ان کي پورو ڪندي پنهنجي پارٽي کي هدايتون جاري ڪري چڪو آهيان، نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا پيا وڃن، پارلياماني بورڊ ۾ ٽڪيٽ جي لاءِ درخوستون جمع ڪرائي رهيا آهن. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) سميت ڪا به سياسي پارٽي چونڊ عمل کان نه ٿي ڀڄي سگهي، جيڪڏهن ائين ڪيو ته ان جو وجود ختم ٿي ويندو، ان تي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي ته بطور صدر مسلم ليگ (ن) اسان پوري تياري سان چونڊن ۾ حصو وٺنداسين ۽ اليڪشن ڪميشن جيڪو به فيصلو ڪندو اسان ان تي عمل ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته هن ملڪ ۾ پهريون ڀيرو هڪ اهڙي صورتحال بڻجي چڪي اهي ته هڪ سياسي شخص پنهنجو پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهي ٿو، اعليٰ عدليه سميت هر عدالت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اداري کي انڪاري آهي ۽ پنهنجي بيماري، بزرگي ۽ لاچاري جي واويلا ڪري رهيو آهي، الله پاڪ انهن کي صحت ڪاملا عطا فرمائي، جيڪڏهن هو ريلين ۽ سياسي سرگرمين جو حصو بڻجي سگهي ٿو ته عدالتن ۾ وڃڻ بدران ان تي حملي آور ٿين ٿا، ججن تي جملا چيا وڃن ٿا، ڪورٽ جا جنگلا ٽوڙيا وڃن ٿا. هن چيو ته اسان رياست بچائڻ جي لاءِ پنهنجي سياست تباهه ڪئي، جيڪڏهن رياست کي بچائڻ جي لاءِ پنهنجي سڄي سياست به داءُ تي لڳائڻي پوي ته ان کان به پاسو نه ڪنداسين. هن چيو ته وزارت عظميٰ جي عهدي تي الله جو شڪرگذار آهيان جڏهن ته ان سان گڏ وڏا چئلينجز به ورثي ۾ مليا، جڏهن اسان اپوزيشن ۾ هئاسين ته اسان کي چونڊي چونڊي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو، نواز شريف کي روزانو ٽرائل ڪورٽ ۾ گهرايو ويندو هو ۽ هو موڪل واري ڏينهن به پيش ٿيندو هو، اهي بي بنياد ۽ جعلي ڪيسز عمران خان جي حڪومت ۽ ان جي حوارين ٺاهيا هئا، انهن ۾ شهزاد اڪبر اڳيا ڳيان هو، انهن ڪڏهن عدالت پيشي کان انڪار نه ڪيو، ڪنهن بيماري سميت ڪو عذر پيش نه ڪيو، راڻا ثناءُ الله تي جعلي ڪيس تي عدالتن ۾ گهليو ويو، ان ڪيس تي پي ٽي آءِ جا اڳواڻ قرآن کڻي ان جي سچي هجڻ جا دلال ڏيندا هئا، راڻا ثناءُ الله کي گهر جو کاڌو نه ڏيڻ ڏنو ويو جڏهن ته ڏوهه ثابت ٿيڻ تائين اهو جوابدار جو حق هوندو آهي. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ ويهي اهو ڪنهن چيو هو ته آئون انهن جي سيلن مان اي سي ۽ بيت الخلا جي سهولت ختم ڪري ڇڏيندس. وزيراعظم چيو ته عمران خان کي نوٽيس ۽ گرفتاري جا حڪم اسان نه عدالتن ڏنا آهن، جيڪڏهن عدالتون اسان جي مٿان ايتريون مهربان هجن ها ته جڏهن دهشتگردن جي گاڏين ۾ مون کي آندو ويندو هو تڏهن آئون انهن جي اڏو پنهنجي بيماري جو عذر پيش ڪندو هئس، مون کي چار هفتا هڪ آرڊر وٺڻ ۾ لڳا هئا. وزيراعظم چيو ته جيل سپرنٽينڊنٽ کي ايمبولينس ۾ عدالت ۾ پيشي جي گذارش ڪئي ته اها ايمبوليس اتي موجود هجڻ جي باوجود مون کي ان تي عدالت پيش نه ٿيڻ ڏنو ويو، نواز شريف کي جعلي اقامي تي وزارت عظميٰ تان هٽايو ويو ۽ نااهل قرار ڏنو ويو ۽ عمران خان کي بني گالا جي غيرقانوني تعمير کي ريگيولر ڪندي انهن کي صادق ۽ امين قرار ڏنو ويو. وزيراعظم چيو ته جڏهن ابصار عالم، مطيع الله جان ۽ ٻين جي خلاف ڪارروايون ٿيون ان جو ڪنهن نوٽيس نه ورتو، جيڪو شخص عدالتن آڏو پيش نه ٿو ٿئي اهو گويا پنهنجو پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهي ٿو. هن چيو ته توشه خانه جي سامهون اچڻ کانپوءِ به جيڪڏهن عمران خان پنهنجو پاڻ کي صادق ۽ امين چوي ٿو ته ان کان وڏو ڪو ڪوڙ نه آهي، چوري هڪ رپئي به ٿئي ٿي ۽ ڪروڙين جي به ٿئي ٿي، توشه خانه جي حوالي سان قانون موجود آهي ته ڪهڙي طرح سان اتي قيمت لڳڻ کانپوءِ توهان ان کي رکي سگهو ٿا، اسان ان ۾ تبديلي ڪئي ۽ قانون ٺاهيو، هاڻي ان تي ڪو عمل نه ڪندو ته اها خلاف ورزي ٿيندي، ان کان اڳ ائين نه هو، عمران خان ڪو عهدو نه ڇڏيو، هن جيڪي تحفا وڪرو ڪيا اهو ڏوهه آهي ۽ سڀ کان قيمتي ۽ متبرڪ خانه ڪعبه جي ماڊل وارو تحفو به وڪرو ڪري ڇڏيو ۽ اهو ڪوڙ ڳالهايو ته 5 ڪروڙ ۾ اسلام آباد ۾ وڪرو ڪيو، ان حوالي سان جعلسازي ڪئي وئي، ان جي رسيد جعلي نڪتي ۽ ثابت ٿي ويو ته دبئي ۾ وڪرو ڪيو ويو. هن چيو ته ڇا اسان کي قوم کي هڪ راند تماشو بڻائي اڳتي وٺي هلڻو آهي، ڇا ادارن تي پنهنجو پاڻ کي حاوي ڪرڻو آهي يا قانون جي حڪمراني ۽ ملڪ جي مسئلن جو حل ڳولڻو آهي، اهي چپندڙ سوال آهن جن جو قوم کي جواب گهرجي، جڏهن ماڻهن هڪطرفا فيصلا ڪيا، عدل جون ڌڄيون اڏايون ويون،جيڪڏهن انهن جو احتساب نه ٿيندو، هي ملڪ جيڪو عظيم قربانين سان وجود ۾ آيو ان جو وڌيڪ نقصان ڪندا وينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جڏهن بي اعتمادي جو عمل جاري هو ته ان وقت صدر ۽ اسپيڪر پاران آئين شڪني جي ڪهڙي ضرورت هئي جنهن کي سپريم ڪورٽ بحال ڪيو، سياستدان وٽ ڳالهه ٻولهه کانسواءِ ڪو هٿيار نه آهي، جيڪڏهن هن ملڪ کي اڳتي وڌڻو آهي ته اسان سڀني کي ڀلي هڪ ٻئي جا چهرا پسند نه به هجن گڏجي ويهڻو پوندو، هينئر پشاور سانحو ٿيو ته ان تي اجلاس گهرايو جنهن ۾ پي ٽي آءِ کي گهرايو ويو پر اها نه آئي، ڪورونا دوران آئون انهن جي طلب ڪيل اجلاسن ۾ شريڪ ٿيس اهي پنهنجي ڳالهه ڪري هليا ويندا هئا، ان کانسواءِ به مختلف وقتن ۾ قومي ايشوز تي بطور اپوزيشن ليڊر مون اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي، اهي اسان کي چور ڌاڙيل قرار ڏيندا هئا پر پاڻ سڳ سوڌو پڪڙيا ويا، اسان جي پارٽي جي اڳواڻن کي جيڪو ريليف مليو آهي اهو ترميم ٿيل احتساب قانون تحت ناهي مليو، لنڊن ۾ اسان جي حق ۾ فيصلا ٿيا ۽ اسان کي ڪلين چٽ ملي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چونڊن جو فيصلو اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو آهي اسان ان تي عمل ڪنداسين. هن چيو ته زلمي خليل زاد کي جنهن وقت پوري اپوزيشن کي ڀت سان لڳايو پئي ويو ان وقت خيال نه آيو. هن چيو ته دهشتگردي اڳ ۾ به هئي جڏهن ته اها گهٽ ٿي چڪي هئي، تازي عرصي ۾ خيبرپختونخواهه ۾ ٻيهر شروع ٿي آهي، اها ڪيئن آئي، اهو جدا بحث آهي، ان تي خدشن جو اظهار ڪيو پيو وڃي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سياسي غيريقيني جو ذڪر آءِ ايم ايف ناهي ڪيو، آءِ ايم ايف جون شرطون حڪومت مڪمل طور تي مڃي چڪي آهي، سعودي عرب پاڪستان جو بااعتماد ترين ملڪ آهي، قطر، چين اهي سڀ ملڪ پاڪستان جي بري وقت جا ساٿي آهن، چين دنيا جي هڪ وڏي معاشي ۽ عسڪري قوت بڻجي چڪو آهي ۽ سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ معاهدو هڪ تاريخي ڪاميابي آهي، ان تي چين کي مبارڪباد ڏيون ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عوام کي اٽي ۽ پيٽرول ۾ ريليف جي حوالي سان الله کان دعا آهي ته هو اسان کي عملي قدم کڻڻ جي توفيق ڏي.