APP59-051222 ISLAMABAD: December 05 - Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif addressing at a reception in the honour of England and Pakistan Cricket Teams in Prime Minister House. APP/FHA

اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرڪيٽ کي پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ هڪ جهڙو جوش ۽ جذبو رکندڙ شعبو قرار ڏيندي چيو آهي ته انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ ۾ تمام گهڻو مددگار ثابت ٿيندو. هو وزيراعظم هائوس ۾ انگلينڊ ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي برطانيا سان شاندار لاڳاپا آهن ۽ برطانوي ٽيم جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطن جي فروغ لاءِ ڏورس نتيجا رکندڙ ثابت ٿيندو. هن چيو ته برطانيا تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ ڊي ايف آءِ ڊي جي ذريعي سيڙپڪاري ڪري جمهوري ۽ ڀلائي جي لاءِ سدائين عوام جو ساٿ ڏنو آهي. وزيراعظم انگلينڊ جي ٽيم کي پاڪستان جي خلاف ٽن ٽيسٽ مئچن جي سيريز جي پهرين مئچ ۾ کٽڻ تي مبارڪباد ڏني پر گڏ ئي اهو به چيو ته گرين شرٽس ايندڙ مئچ ۾ ڪم بيڪ ڪندي. هن چيو ته انگلينڊ جي ٽيم جو 7 سالن کانپوءِ دورو هڪ بهترين لمحو آهي ڇو ته هن 2005ع ۾ ان وقت دورو ڪيو هو جڏهن پاڪستان انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو هو. هن چيو ته پاڪستان هزارين فوجين، سيڪيورٽي ۽ قانون لاڳون ڪندڙ اهلڪارن ۽ عام پاڪستانين جي جانين جي قربانين جي نتيجي ۾ آخرڪار دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو. وزيراعظم پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي لاءِ انگلينڊ جي حمايت کي ساراهيو ۽ شاندار راند جو مظاهرو ڪرڻ تي ٽيم کي ساراهيو. وزيراعظم نوجوان ڪرڪيٽرز کي ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان جي شاندار ماضي بابت پڻ ٻڌايو ۽ ان حوالي سان فضل محمود، مرحوم حنيف محمد (لٽل ماسٽر) ۽ آصف محمود جو ذڪر ڪيو جن ڪرڪيٽ جي ٽيم ۾ وڏي شهرت حاصل ڪئي. هن چيو ته گرين شرٽس ويجهي ماضي ۾ معياري ڪرڪيٽ جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ پنهنجو مقام ٻيهر حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڪارڪردگي کي وڌائيندا رهندا. وزيراعظم ٻنهي ٽيمن جي ڪپتانن کي سووينيئر پڻ ڏنا. هن انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان پاران پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ پنهنجي مئچ فيس عطيو ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو ۽ چيو ته اهو انسان دوستي برطانوي سنهري روايتن جو مظهر آهي.