اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته مصر جي شهر شرم الشيخ کي ريگستان جي ڪناري خوبصورت سياحتي شهر بڻائي آباد ڪيو ويو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هتي ماحولياتي تبديليءَ جي عالمي ڪانفرنس ٿي رهي آهي، ڪوبه سبب ناهي جو گوادر پڻ اهڙي قسم جو شهر نه بڻجي سگهي، وڏي عرصي کانپوءِ ڏينهن جي روشنيءَ ۾ جاگنگ ڪئي، هن چيو ته ڪانفرنس ۾ شرڪت سرڪاري خرچ تي نه ڪئي آهي.