APP54-071220 ISLAMABAD: December 07 - Prime Minister Imran Khan chairing the meeting on setting up of Coastal Oil Refinery by PARCO. APP

اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پارڪو کي ريفائنريز جو اضافو پيٽروليم جي شعبي جي لاءِ انتهائي خوش آئنده آهي، منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان ملڪي سطح تي آئل ريفائنري جي صلاحيت ۾ بهتري سان مقامي سطح تي پيٽروليم مصنوعات ٺاهڻ جي صلاحيت حاصل ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارڪو پاران ڪوسٽل آئل ريفائنري لڳائڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.