APP08-07 ISLAMABAD: December 07 - The outgoing Ambassador of the Republic Of Belarus, Mr. Andrei Ermolovich, paid a farewell call on President Dr Arif Alvi, at Aiwan-E-Sadr. APP

اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان بيلاروس سان لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان واپار ۽ سيڙپڪاري، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ثقافت ۽ دفاع سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ بيلاروس جي عهدو ڇڏيندڙ سفير اينڊدي ارمولووچ سان الوداعي ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو.