APP11-29 ISLAMABAD: September 29 - Speaker National Assembly Asad Qaiser addressing participants of inaugural ceremony of National Consultative Workshop on Water, Sanitation and Hygiene for Everyone. APP

اسلام آباد – 29 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي عوامي نمائندن جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي، ٻين ترقياتي منصوبن جي ڀيٽ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي تي وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي، بلوچستان ۾ پاڻي جي وڌيڪ کوٽ درپيش آهي، ننڍن ڊيمن جي تعمير سان ان مسئلي تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. صحت جي سهولتن جي عنوان تي موسمياتي تبديلين واري وزارت جي اهتمام هيٺ ورڪشاپ کي پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پيئڻ جو صاف پاڻي هر انسان جي بنيادي ضرورت آهي.