اسلام آباد-27 جون (اي پي پي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائن (پي آءِ اي) ملڪي ۽ عالمي منزلن تي ڳري ڪارگو جي تيز ترين ۽ آرامده منتقلي لاءِ ايئر ايگل سان اهم شراڪتداري جو اعلان ڪيو آهي. پي آءِ اي جي ڪارپوريٽ شعبي جي اختيارين مطابق ان سهڪار جو مقصد آمدني ۽ روانگي واپار جي عمل کي وڌيڪ هموار بڻائڻ آهي، جنهن سبب واپارين ۽ صنعتڪارن کي وڏي پيماني تي سامان جي منتقلي ۾ آساني ٿيندي. اهو سهڪار صارفين کي وڌ کان وڌ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ پي آءِ اي جي وسيع نيٽ ورڪ ۽ ايئر ايگل جي ماهراڻي ڪارگو هينڊلنگ جي صلاحيتن کي گڏائڻ آهي. اختيارين مطابق شراڪتداري تحت ملڪي اڏامن ذريعي ڪارگو کي عالمي منزلن تائين پهچايو ويندو، جنهن سان منتقلي جو وقت گهٽ کان گهٽ هوندو. ڊي جي آر، فوري فراهيم جي نوعيت جي سامان ۽ وڏي صنعتي سامان جي منتقلي کي ترجيع ڏني ويندي. اهو قدم پي آءِ اي جي ڪارگو خدمتن کي بهتر بڻائڻ جي ڪوششن جو حصو آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان جي واپاري سرگرمين کي عالمي سطح تي هٿي ڏيڻ آهي.