اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سوات ۾ ٻوڏ ريلي سبب ٿيندڙ قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ متاثر خاندانن سان برابر جا شريڪ آهيون. صدر چيو ته الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هو فوت ٿيندڙن کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.