اسلام آباد-27 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پاڪستان ۾ آمريڪا جي وقتي سفير نيٽلي بيڪر اهم ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن، پاڪ – آمريڪا لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، دهشتگردي ۽ منشيات جي روڪٿام جي حوالي سان شراڪت تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. گهرو وزارت طرفان جمعي ڏينهن جاري بيان مطابق ملاقات ۾ علائقائي صورتحال ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. گهرو وزير محسن نقوي ايران اسرائيل جنگ بندي ڪرائڻ تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غير معمولي قيادت ۽ مخلصاڻين ڪوششن کي ساراهيو. گهرو وزير چيو ته پاڪ – ڀارت کانپوءِ ايران -اسرائيل جنگ بندي جي حوالي سان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو متاثر ڪندڙ ڪردار هميشه ياد رکيو رکيو ويندو. محسن نقوي چيو ته اميد آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ غزه ۾ به جنگ بندي ڪرائيندو. گهرو وزير چيو ته امن قائم ڪرڻ لاءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي زبردست قدمن کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان هميشه کان ڪشمير سميت ٻين تڪرارن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. پاڪستان امن لاءِ کنيل هر قدم جي آجيان ڪري ٿو. آمريڪا جي وقتي سفير نيٽلي بيڪر خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان اسانجو اهم دوست ملڪ آهي. وقتي سفير چيو ته پاڪستان سان لاڳاپن کي خاص اهميت ڏيون ٿا.