اسلام آباد– 28 فيبروري (اي پي پي) سمجهوته ايڪسپريس کي عارضي بنيادن تي معطل ڪيو ويو آهي. پرڏيهي وزارت طرفان جاري بيان مطابق چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ هندستان جي هاڻوڪي ڇِڪتاڻ جي روشنيءَ ۾ سمجهوته ايڪسپريس جو آپريشن معطل ڪيو ويو آهي. بيان مطابق پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ ڇِڪتاڻ گهٽائڻ ۽ امن واري صورتحال جي بهتريءَ تي فوري طور سمجهوته ايڪسپريس کي بحال ڪيو ويندو. واضح …
سمجهوته ايڪسپريس کي عارضي بنيادن تي معطل ڪيو ويو آهي: پرڏيهي وزارت

مزید خبریں
اسلام آباد– 28 فيبروري (اي پي پي) سمجهوته ايڪسپريس کي عارضي بنيادن تي معطل ڪيو ويو آهي. پرڏيهي وزارت طرفان جاري بيان مطابق چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ هندستان جي هاڻوڪي ڇِڪتاڻ جي روشنيءَ ۾ سمجهوته ايڪسپريس جو آپريشن معطل ڪيو ويو آهي. بيان مطابق پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ ڇِڪتاڻ گهٽائڻ ۽ امن واري صورتحال جي بهتريءَ تي فوري طور سمجهوته ايڪسپريس کي بحال ڪيو ويندو. واضح رهي ته سمجهوته ايڪسپريس هفتي ۾ ٻه ڀيرا واگهه بارڊر ذريعي پاڪستان کان هندستان جي شهرن اٽاري ۽ نئين دهليءَ وچ ۾ اربع ۽ آچر تي هلائي ويندي آهي.











