اسلام آباد – 12 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات, نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري نگران وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته پنجاب حڪومت ۽ حڪومتي مشينري جي ذميداري آهي ته هو نيب کي عدالتي حڪمن تي عملدرآمد جي لاءِ سهولتون فراهم ڪري، محمد نواز شريف ۽ مريم نواز گرفتاري ڏيڻ اچي رهيا آهن ۽ نيب گرفتار ڪرڻ وڃي رهي آهي. هو نيڪٽا جي اهتمام هيٺ ٻن ڏينهن واري قومي يوٿ ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.