پشاور– 12 جولاءِ (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ 25 جولاءِ جي عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن خاص طور تي سياسي پارٽين جي اعليٰ قيادت جي فول پروف سيڪيورٽي جي انتظامن جي هدايت ڪئي آهي. هن صوبائي گادي واري شهر جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو ۽ پشاور ۾ تازي دهشتگرد حملي جي ڏس ۾ صوبائي حڪومت طرفان کنيل قدمن جي جائزو ورتو.