اسپيشل ٻارن لاءِ ٻه بسون خصوصي تعليمي ادارن جي حوالي

اسلام آباد – 21 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم تعليمي ريفارم پروگرام تحت اسپيشل ٻارن لاءِ خصوصي طور تي ڊزائين ڪيل ٻه بسون خصوصي تعليمي ادارن جي حوالي ڪيون ويون. انهن بسن ۾ خصوصي ٻارن جي سفر لاءِ ضروري سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. پهرين مرحلي ۾ ڪيڊ تحت تعليمي ادارن کي 70 بسون فراهم ڪيون ويون آهن جنهن ۾ ٻن بسن ۾ وزيراعظم جي هدايت تي مخصوص تبديليون ڪرائي …

اسلام آباد – 21 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم تعليمي ريفارم پروگرام تحت اسپيشل ٻارن لاءِ خصوصي طور تي ڊزائين ڪيل ٻه بسون خصوصي تعليمي ادارن جي حوالي ڪيون ويون. انهن بسن ۾ خصوصي ٻارن جي سفر لاءِ ضروري سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. پهرين مرحلي ۾ ڪيڊ تحت تعليمي ادارن کي 70 بسون فراهم ڪيون ويون آهن جنهن ۾ ٻن بسن ۾ وزيراعظم جي هدايت تي مخصوص تبديليون ڪرائي اسپيشل ٻارن جي تعليمي ادارن کي ڏنيون ويون آهن، ان کان اڳ به پنج بسون اسپيشل ٻارن جي تعليمي ادارن جي حوالي ڪيون ويون.

مزید خبریں