لاهور-24 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽرز الائنس جي نمائنده وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽرز الائنس جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ، قمر الزمان، نثار جعفري، اويس چوڌري ۽ ٻيا شامل هئا. جڏهن ته مواصلات وارو سيڪريٽري، آءِ جي موٽر ويز ۽ اين ايڇ اي چيئرمين وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي ۽ اهم معاملن تي بريفنگ ڏني. وفد …
مواصلات واري وفاقي وزير سان آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽرز الائنس جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
لاهور-24 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽرز الائنس جي نمائنده وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽرز الائنس جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ، قمر الزمان، نثار جعفري، اويس چوڌري ۽ ٻيا شامل هئا. جڏهن ته مواصلات وارو سيڪريٽري، آءِ جي موٽر ويز ۽ اين ايڇ اي چيئرمين وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي ۽ اهم معاملن تي بريفنگ ڏني. وفد موٽر وي پوليس جي بهتر طرز عمل تي وفاقي وزير عبدالعليم خان جو ٿورو مڃيو. ملاقات دوران وفاقي وزير آفيسرن کي ايڪسل لوڊ پاليي تي وڌيڪ موثر انداز ۾ عملدرآمد جي هدايت ڪندي چيو ته ايڪسل لوڊ تي ڪنهن به قسم جي نرمي نه ڪئي وڃي، جامع پاليسي لاءِ انڊسٽريز، ايف بي آر ۽ لاڳاپيل کاتن کي آن بورڊ ڪريو، هن مواصلات واري سيڪريٽري کي 30 سيپٽمبر تي ايندڙ مشاورتي اجلاس گهرائڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ موٽر وي پوليس کي ڀڃڪڙين تي ايف آءِ آر جي داخلا جو اختيار ڏيڻ تي غور ڪيو ويو. وفاقي وزير آفيسرن کي هدايت ڪندي چيو ته گڊز ٽرانسپورٽرز کي مواصلات واري کاتي کان شڪايت نه هجڻ گهرجي، درپيش مسئلن تي مواصلات واري سيڪريٽري، پنجاب ۽ سنڌ حڪومت سان ڳالهه ٻولهه ڪري.











