ڪراچي-24 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته افغانستان جي ڌرتي پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي، جنهن جي مذمت ڪيون ٿا. پاڪستان جون فوجون جُرئت ۽ بهادري سان دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهيون آهن، اسان پنهنجي فوج کي سلام پيش ڪيون ٿا. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري چين جا جيڪي دورا ڪيا آهن، پاڪ- چين دوستي کي سلام پيش …
افغان ڌرتي پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ٿئي پئي،پاڪستان جون فوجون جُرئت ۽ بهادري سان دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهيون آهن، اسان پنهنجي فوج کي سلام پيش ڪيون ٿا: شرجيل ميمڻ

مزید خبریں
ڪراچي-24 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته افغانستان جي ڌرتي پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي، جنهن جي مذمت ڪيون ٿا. پاڪستان جون فوجون جُرئت ۽ بهادري سان دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهيون آهن، اسان پنهنجي فوج کي سلام پيش ڪيون ٿا. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري چين جا جيڪي دورا ڪيا آهن، پاڪ- چين دوستي کي سلام پيش ڪيون ٿا، پاڪستان ۽ چين جي دوستي هماليه کان بلند ۽ سمنڊ جي گهرائيءَ کان وڌيڪ گهري آهي. سنڌ ۽ چين جو صوبو هونان سسٽر صوبن طور سڃاتا وڃن ٿا ۽ ٻنهي جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏني پئي وڃي. ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت چين ۾ انويسٽمينٽ ڪانفرنس منعقد ڪري رهي آهي، جنهن ۾ سنڌ جو وڏي وزير به شرڪت ڪندو. هن چيو ته چائنا اليڪٽرڪ، ٿر ڪول جي منصوبي ۾ به سيڙپڪاري ڪئي آهي ۽ چين ۾ ٿيندڙ انويسٽمينٽ ڪانفرنس ۾ اربين روپين جا معاهدا ٿيندا، جڏهن ته مختلف شعبن ۾ ايم او يوز ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون وينديون. سنڌ حڪومت جي هميشه ڪوشش رهي آهي ته عالمي سيڙپڪارن کي سنڌ ۾ آندو وڃي ۽ پاڪستان ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري جي وسيع موقعن کان دنيا کي آگاهه ڪيو وڃي. سنڌ ۽ هونان جي وچ ۾ هينئر تائين جي رابطن ۾ اقتصادي، تجارتي، سيڙپڪاري، ٽيڪنالوجي ۽ عوامي سطح تي تعاون جي امڪانن تي به بحث ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ غير ملڪي سيڙپڪاريءَ جا بهترين موقعا موجود آهن، حڪومت جي ترجيح اهڙا منصوبا جوڙڻ آهي جن ذريعي پاڪستان ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري اچي ۽ ملڪ کي ترقيءَ جي راهه تي اڳتي وٺي وڃڻ ۾ مدد ملي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٿر جي ڪوئلي مان حاصل ٿيندڙ فائدو صرف سنڌ نه پر پوري پاڪستان کي ملي رهيو آهي. ٿر جو ڪوئلو وفاق ڏانهن وڃي رهيو آهي ۽ نيشنل گرڊ جي ذريعي ملڪ جي مختلف حصن کي بجلي فراهم ٿي رهي آهي. هن چيو ته هڪ طرف پاڪستان اڄ به پرڏيهه مان ڪوئلو امپورٽ ڪري رهيو آهي جڏهن ته ٻئي طرف سنڌ ۾ ڪوئلي جا وسيع ذخيره موجود آهن. ٿر جي ڪوئلي جا منصوبا پاڪستان جي مستقبل جي توانائي جي ضرورتن کي آڏو رکندي شروع ڪيا ويا آهن ۽ انهن ذخيرن ۾ ڊگهي مدي تائين ملڪ جي توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته ٿر ڪول پاڪستان لاءِ هڪ حقيقي سيڙپڪاري آهي ۽ مستقبل ۾ ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪري ٻاهرئين ملڪن ڏانهن موڪلڻ جا امڪان به پيدا ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته ٿر ڪول جي منصوبي ۾ تقريبن هڪ ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي ۽ ان منصوبي جو بنياد گذريل پنج سالا دورِ حڪومت ۾ ريو ويو. بدقسمتيءَ سان ٻين حڪومتن ٿر ڪول منصوبي کي اها سنجيدگي نه ڏني، جنهن جو پاڪستان کي نقصان ٿيو. هن چيو ته ٿر جو ڪوئلو سنڌ مان نڪري رهيو آهي، ان تي پوري قوم کي خوش ٿيڻ گهرجي ڇو ته ان جا فائدا پوري پاڪستان کي حاصل ٿي رهيا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جڏهن کان قائم ٿي آهي، ان کي مختلف سازشن ۽ پروپيگنڊا جو منهن ڏسڻو پيو آهي، پر پيپلز پارٽي ملڪ کي وڏا منصوبا ڏنا. هن چيو ته پاڪستان جو آئين پيپلز پارٽي جي دور ۾ ٺاهيو ويو، ايٽمي طاقت ۽ بيليسٽڪ ميزائل ٽيڪنالوجي جي حصول ۾ به پيپلز پارٽي جي دورن جو اهم ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ صحت جون موجوده سهولتون پاڪستان پيپلز پارٽي جي دورن ۾ قائم ۽ ترقي يافته ٿيون، جڏهن ته 18 سال اڳ ڪراچي ۾ صحت جون سهولتون اڄوڪي سطح تي نه هيون. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اين آئي سي وي ڊي پيپلز پارٽي جي دور ۾ سڄي ملڪ ۾ علاج جي سهولتن جو دائرو وسيع ڪيو ۽ اڄ پاڪستان جي مختلف علائقن مان ماڻهو اتي علاج لاءِ اچن ٿا. سنڌ ۾ صحت جي شعبي ۾ ٿيندڙ ڪم تي هڪ پوري ڪتاب لکي سگهجي ٿي. لاڙڪاڻو، حيدرآباد، ڄامشورو، نوابشاهه، جيڪب آباد، سکر، شهدادپور، عمرڪوٽ، ٺٽو ۽ ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ صحت جي منصوبن تي ڪم ڪيو ويو آهي ۽ ڪيترائي منصوبا علاج لاءِ اڃا به جاري آهن. سنڌ ۾ جگر جي پيوندڪاري (ليور ٽرانسپلانٽ) سميت پيچيده بيمارين جي جديد علاج جون سهولتون موجود آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ سائبر نائف ذريعي جديد ترين علاج جي سهولت موجود آهي ۽ سنڌ حڪومت پاران ان سهولت ذريعي مريضن کي مفت علاج فراهم ڪيو پيو وڃي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 2010 ۽ 2011 جي ٻوڏ ۽ برساتن دوران به سنڌ حڪومت متاثرين جي مدد ڪئي، جڏهن ته تازي ٻوڏ کانپوءِ سنڌ حڪومت 21 لک خاندانن کي گھر ٺاهي ڏنا آهن. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي دور ۾ صرف ڪراچي ئي نه پر پاڪستان کي به نقصان پهتو، صنعتن ۽ ڪاروباري سرگرمين کي نقصان پهتو. ايڪسپورٽرز کي مقرر وقت تي پنهنجا آرڊر مڪمل ڪري موڪلڻا هوندا هئا، پر اهڙا حالات پيدا ڪيا ويا جو ٽي، چار يا پنج ڏينهن کانپوءِ به ڪاروباري سرگرميون رڪجي وينديون هيون ۽ ايڪسپورٽ آرڊر متاثر ٿيڻ شروع ٿيندا هئا. ڪاروباري ماڻهو ڄاڻين ٿا ته ان صورتحال جا اصل سبب ڪهڙا هئا. هن چيو ته ان وقت ايم ڪيو ايم وٽ طاقت ۽ اثر رسوخ موجود هو. آپريشن ۾ حصو وٺندڙ پوليس آفيسرن بابت به سنگين واقعا پيش آيا ۽ 35 ايس ايڇ اوز کي چونڊي چونڊي قتل ڪيو ويو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ ئي ٻيهر لساني فساد کي هٿي ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪري. هن صوبي ۽ شهر تي اردو، سنڌي ۽ پشتو ڳالهائيندڙن جو برابر حق آهي. اردو ٻولي هاڻي صرف علائقائي ٻولي ناهي رهي پر عالمي سطح تي استعمال ٿيندڙ ٻولي بڻجي چڪي آهي. اردو جي آڙ ۾ لساني سياست نه ٿيڻ گهرجي. لساني ڳالهيون ڪري پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، صوبن بابت فنڪشنل ليگ جي حمايت يا مخالفت بابت سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اها فنڪشنل ليگ جي پنهنجي سياسي راءِ آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت پنهنجو موقف واضح ڪري چڪيون آهن ۽ پيپلز پارٽي پنهنجي موقف کي بهتر سمجهي ٿي ۽ ان مطابق پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. جمهوري معاشري ۾ ڪنهن جي راءِ کي دٻائڻ نه گهرجي، هر سياسي جماعت کي پنهنجي راءِ رکڻ جو حق حاصل آهي.











