صوبن کي انهن جي ضرورت موجب ڪڻڪ جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي: نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي هدايت

اسلام آباد - 18 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هدايت ڪئي آهي ته صوبن کي انهن جي ضرورت موجب ڪڻڪ جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. جمعي ڏينهن نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪڻڪ جي درآمد تي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس جمعي ڏينهن ٿيو. اجلاس ۾ قيمتن جي استحڪام جي لاءِ ڪڻڪ جي درآمد جي …

اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هدايت ڪئي آهي ته صوبن کي انهن جي ضرورت موجب ڪڻڪ جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. جمعي ڏينهن نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪڻڪ جي درآمد تي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس جمعي ڏينهن ٿيو. اجلاس ۾ قيمتن جي استحڪام جي لاءِ ڪڻڪ جي درآمد جي عمل جو جائزو ورتو ويو. هن ٽي سي پي کي هدايت ڪئي ته صوبن کي انهن جي ضرورت موجب ڪڻڪ جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هن پاسڪو کي به هدايت ڪئي ته صوبن کي پنهنجي اسٽاڪ مان انهن جي طئي ٿيل مقدار موجب ڪڻڪ جي فراهمي يقيني بڻائي. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر، قومي فوڊ سيڪيورٽي واري سيڪريٽري، واپار واري سيڪريٽري ۽ پنجاب ۽ سنڌ جي ايڊيشنل سيڪريٽرين کانسواءِ آزاد ڪشمير، جي بي ۽ اسلام آباد مان لاڳاپيل شعبن جي اعلى عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں