حڪومت موٽر سائيڪل، چنگچي ۽ ننڍين گاڏين جي مالڪن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آهن: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد - 18 سيپٽمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته آمريڪا ايران جنگ کان پوءِ پوري دنيا ڏکيائين جو شڪار ٿي آهي، حڪومت ان صورتحال جو ادارڪ ڪندي موٽر سائيڪل، چنگچي ۽ 800 سي سي گاڏين جي مالڪن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آهن. فيول رليف اسڪيم جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڪا به رڪاوٽ ناهي، …

اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته آمريڪا ايران جنگ کان پوءِ پوري دنيا ڏکيائين جو شڪار ٿي آهي، حڪومت ان صورتحال جو ادارڪ ڪندي موٽر سائيڪل، چنگچي ۽ 800 سي سي گاڏين جي مالڪن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آهن. فيول رليف اسڪيم جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڪا به رڪاوٽ ناهي، هٿياربند جٿن سان اسلام آباد تي چڙهائي جي ڪوشش ڪئي وئي ته قانون حرڪت ۾ ايندو. جمعي ڏينهن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته موجوده صورتحال ۾ حڪومت عوام کي رليف پهچائڻ لاءِ اهم فيصلا ڪيا آهن ڇاڪاڻ ته آمريڪا ايران جنگ سبب اسان جو خطو به تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي، عالمي حالتن سبب پيٽروليم مصنوعات جي اگهن م اضافو ٿيو آهي، ان ڏکي صورتحال ۾ وزيراعظم پاران فيول رليف اسڪيم جو اعلان ڪيو ويو جنهن تحت موٽر سائيڪل سوارن ۽ 800 سي سي تائين جي گاڏين جي مالڪن کي سستو پيٽرول فراهم ڪيو پيو وڃي، اسڪيم ۾ داخلا لاءِ عوام جي لاءِ ايس ايم ايس به مفت ڪيو ويو آهي، فيول رليف اسڪيم جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڪا به رڪاوٽ ناهي، فيول تي ٽارگيٽڊ سبسڊي  ڏني پئي وڃي، موٽر سائيڪل، چنگچي رکندڙ  سبسڊي جا وڌيڪ حقدار هوندا. هن چيو ته پيٽروليم ڊيلرز جي خدشن ۽ تحفظن کي به دور ڪيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هٿياربند جٿن سان اسلام آباد تي چڙهائي جي ڪوشش ڪئي وئي ته قانون حرڪت ۾ ايندو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو ڪو به مارچ ڪڏهن به پرامن ناهي رهيو، مارچ جي تشدد ٿيڻ تي چيو ويندو آهي ته انهن ماڻهن جو اسان سان ڪو به تعلق ناهي. هن واضح ڪيو ته گادي واري هنڌ جي حرمت برقرار  رکڻ گهرجي.

مزید خبریں