ڪراچي-18 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار منشيات جي وڏي نيٽ ورڪ خلاف ڪامياب ڪارروائي تي پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي شاباش ڏيندي چيو آهي ته منشيات جي رسد ۽ وڪري ۾ ملوث منظم گروهه خلاف ڪارروائي اهم اڳڀرائي آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ڊي آءِ جي ايسٽ، ايس ايس پي ڪورنگي ۽ سندن ٽيم واکاڻ جوڳي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي، جڏهن ته ڪارروائي دوران 19 ڪلو …
سنڌ ۾ منشيات جي رسد ۽ وڪري ۾ ملوث منظم گروهه خلاف ڪارروائي اهم اڳڀرائي آهي، منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث عنصرن خلاف بنا فرق ڪارروايون جاري رکيون وڃن: گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار
ڪراچي-18 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار منشيات جي وڏي نيٽ ورڪ خلاف ڪامياب ڪارروائي تي پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي شاباش ڏيندي چيو آهي ته منشيات جي رسد ۽ وڪري ۾ ملوث منظم گروهه خلاف ڪارروائي اهم اڳڀرائي آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ڊي آءِ جي ايسٽ، ايس ايس پي ڪورنگي ۽ سندن ٽيم واکاڻ جوڳي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي، جڏهن ته ڪارروائي دوران 19 ڪلو منشيات هٿ اچڻ پڻ ساراهه جوڳو آهي.گهرو وزير هدايت ڪئي ته منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث عنصرن خلاف بنا فرق ڪارروايون جاري رکيون وڃن. گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪري منشيات جي نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل ٻين عنصرن کي به قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي. ضياءَ الحسن لنجار چيو ته نوجوان نسل کي منشيات جي لعنت کان محفوظ رکڻ لاءِ منشيات فروشن خلاف اثرائتيون ڪارروايون اڻٽر آهن.هن چيو ته منشيات جي خاتمي لاءِ پوليس جون ڪارروايون ساراهه جوڳيون آهن، وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪيون وڃن.












