سنڌ جي گورنر پاران ڪوهاٽ پوليس لائين ۾ ٿيل ڌماڪي جي سخت مذمت

ڪراچي - 18 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي ڪوهاٽ پوليس لائين ۾ ٿيل ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گورنر چيو ته معصوم انساني جانيون ضايع ٿيڻ هڪ ناقابل برداشت سانحو آهي. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڄي قوم متحد ۽ پرعزم آهي. هن ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن جي پونئرن سان دلي …

ڪراچي – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي ڪوهاٽ پوليس لائين ۾ ٿيل ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گورنر چيو ته معصوم انساني جانيون ضايع ٿيڻ هڪ ناقابل برداشت سانحو آهي. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڄي قوم متحد ۽ پرعزم آهي. هن ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي مرحومن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. گورنر زخيمن جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.