اسلام آباد - 18 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ اربن فلڊنگ جي انتظام لاءِ اڳواٽ ۽ مربوط حڪمت عملي جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي، ته برساتن ۽ ٻوڏ کان پوءِ روايتي رد عمل مان نڪري پائيدار ۽ ڊگهي مدي واري شهري تحفظ جي رٿابندي ڏانهن وڌڻو پوندو. هو اين ڊي ايم اي جي انتظام هيٺ اربن فلڊنگ کي …
اين ڊي ايم اي جي چيئرمين پاران اربن فلڊنگ جي انتظام لاءِ اڳواٽ ۽ مربوط حڪمت عملي جي ضرورت تي زور

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ اربن فلڊنگ جي انتظام لاءِ اڳواٽ ۽ مربوط حڪمت عملي جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي، ته برساتن ۽ ٻوڏ کان پوءِ روايتي رد عمل مان نڪري پائيدار ۽ ڊگهي مدي واري شهري تحفظ جي رٿابندي ڏانهن وڌڻو پوندو. هو اين ڊي ايم اي جي انتظام هيٺ اربن فلڊنگ کي منهن ڏيڻ لاءِ پائيدار قدمن، ويزن 2027، برساتن ۽ ٻوڏ کان اڳيان جي عنوان سان منعقد سيمينار جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. سيمينار ۾ لاڳاپيل سرڪاري کاتن، ترقياتي ادارن جي نمائندن، اربن پلاننگ جي ماهرن، آبي معاملن جي ماهرن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن شرڪت ڪئي ته جيئن روز روز پيش ايندڙ اربن فلڊنگ ۽ ان کان بچاءَ جي صلاحيت کي مضبوط بڻائڻ وارن قدمن تي غور ڪري سگهجي. شرڪت ڪندڙ ان ڳالهه تي روشني وڌي ته اربن فلڊنگ جي مسئلي کي رڳو برساتن جي انتظام ذريعي حل نٿو ڪري سگهجي پر ان لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي گهربل آهي جنهن ۾ گندي پاڻي جي نيڪال جي سگهه، شهري ترقي، بنيادي ڍانچي جي سار سنڀال، برسات واري پاڻي جو انتظام ۽ اداره جاتي هم آهنگي شامل هجي. شرڪت ڪندڙن سال 26-2025ع دورن پيش آيل اربن فلڊنگ جي تجربن، ٻوڏ جي وڌيڪ خطرن کي منهن ڏيڻ ۽ حساس علائقن، خطرن کي منهن ڏيندڙ انفراسٽرڪچر ۽ گندي پاڻي جي نيڪال جي موجوده نظام جو تفصيلي جائزو ورتو. پنهنجي پڄاڻي واري خطاب ۾ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين اربن فلڊنگ جي انتظام لاءِ اڳواٽ ۽ مربوط حڪمت عملي جي ضرورت تي زور ڀريو جنهن ۾ تياري، بنيادي ڍانچي جي مضبوطي، اداره جاتي شموليت ۽ نشاندهي ڪيل قدمن تي وقت سر عملدرآمد تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. سيمينار جي پڄاڻي ويزن 2027ع جي فريم ورڪ تحت مربوط فالو اپ قدمن ۽ عملي منصوبن تي زور ڀرڻ سان گڏ ٿي ته جيئن پاڪستان جي شهري مرڪزن کي روز روز ايندڙ ٻوڏ خلاف وڌيڪ پائيدار ۽ محفوظ بڻائي سگهجي.











