قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران ڪوهاٽ پوليس لائين ۾ ڌماڪي جي مذمت

اسلام آباد - 18 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪوهاٽ ۾ پوليس لائين ويجهو مسجد ۾ جمعي نماز دوران ڌماڪي جي مذمت ڪندي حملي ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چيو ته پوليس اهلڪارن ۽ معصوم شهرين کي دهشتگردي جو نشانو بڻائڻ انتهائي بزدلاڻو ۽ مذمت جوڳو قدم آهي. اسپيڪر  …

اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪوهاٽ ۾ پوليس لائين ويجهو مسجد ۾ جمعي نماز دوران ڌماڪي جي مذمت ڪندي حملي ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چيو ته پوليس اهلڪارن ۽ معصوم شهرين کي دهشتگردي جو نشانو بڻائڻ انتهائي بزدلاڻو ۽ مذمت جوڳو قدم آهي. اسپيڪر  ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن جي پونئرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ شهيدن جي خاندانن سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. هن  زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ چيو ته معصوم شهرين کي نشانو بڻائيندڙ ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن، دهشتگرد ڌريون معصوم ۽بيگناهه شهرين کي نشانو بڻائي رهيون آهن.  دهشتگرد پنهنجي انهن ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر الله تعاليٰ کان شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئرن جي صبر لاءِ دعا پڻ ڪئي.

مزید خبریں