لنڊن- 18 سيپٽمبر(اي پي پي)انگلش پريمئير فٽبال ليگ ۾ 19 سيپٽمبر اڄ ڇنڇر ڏينهن وڌيڪ پنج ميچون کيڏيون وينديون. پرڏيهي ميڊيا مطابق اي پي ايل ۾ فٽبال جي شوقينن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. پهرين ميچ ٽوٽنهان هاٽپور ۽ آسٽن ولا ٽوٽنهم هاٽ پور اسٽيڊيم، لنڊن، انگلينڊ ۾ کيڏي ويندي، ٻي ميچ برائٽن اينڊ هووالبيون ۽ دفاعي چيمپيئن آرسنل جي ٽيمن وچ ۾ آمريڪن ايڪسپريس اسٽيڊيم، فالمير، انگلينڊ …
انگلش پريمئير فٽبال ليگ ۾ اڄ وڌيڪ پنجن ميچن جو فيصلو ٿيندو

مزید خبریں
لنڊن- 18 سيپٽمبر(اي پي پي)انگلش پريمئير فٽبال ليگ ۾ 19 سيپٽمبر اڄ ڇنڇر ڏينهن وڌيڪ پنج ميچون کيڏيون وينديون. پرڏيهي ميڊيا مطابق اي پي ايل ۾ فٽبال جي شوقينن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. پهرين ميچ ٽوٽنهان هاٽپور ۽ آسٽن ولا ٽوٽنهم هاٽ پور اسٽيڊيم، لنڊن، انگلينڊ ۾ کيڏي ويندي، ٻي ميچ برائٽن اينڊ هووالبيون ۽ دفاعي چيمپيئن آرسنل جي ٽيمن وچ ۾ آمريڪن ايڪسپريس اسٽيڊيم، فالمير، انگلينڊ ۾ کيڏي ويندي، ٽين ميچ ۾ ايورٽن ۽ اپسوچ ٽائون جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون، ۽ اها ميچ هل ڊڪنسن اسٽيڊيم، ليورپول ۾ کيڏي ويندي، چوٿين ميچ نيو ڪيسل يونائيٽڊ ۽ هل سٽي جي ٽيمن وچ ۾ سينٽ جيمز پارڪ، نيو ڪيسل ايون ٽائون ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته 19 سيپٽمبر جي پنجين ۽ آخري ميچ ناٽنگهم فارسٽ ۽ ڪووينٽري سٽي وچ ۾ سٽي گرائونڊ، ناٽنگهم ۾ کيڏي ويندي.










