حيدرآباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي )سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ جي مينيجنگ ڊائريڪٽر فواد غفار سومرو جي هدايتن تي حيدرآباد ۾ صفائي سٿرائي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ خاص صفائي مهم جاري آهي.ان سلسلي ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر حيدرآباد سيد اڪبر علي شاهه معصومي جي نگراني هيٺ ويسٽ مينيجمينٽ ڪمپني خميس ڏينهن قاسم آباد جي نسيم نگر چوڪ فيز ون ۾ خاص صفائي واري مهم شروع ڪئي آهي. مهم دوران علائقي …
قاسم آباد جي نسيم نگر چوڪ فيز ون ۾ خاص صفائي مهم دوران روڊن ۽ گهٽين مان ڪچرو هٽايو ويو

مزید خبریں
حيدرآباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي )سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ جي مينيجنگ ڊائريڪٽر فواد غفار سومرو جي هدايتن تي حيدرآباد ۾ صفائي سٿرائي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ خاص صفائي مهم جاري آهي.ان سلسلي ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر حيدرآباد سيد اڪبر علي شاهه معصومي جي نگراني هيٺ ويسٽ مينيجمينٽ ڪمپني خميس ڏينهن قاسم آباد جي نسيم نگر چوڪ فيز ون ۾ خاص صفائي واري مهم شروع ڪئي آهي. مهم دوران علائقي جي گهٽين، روڊن ۽ مختلف هنڌن تان ڪچرو کڻڻ جو سلسلو جاري آهي. جڏهن ته صفائي جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ ضروري قدم کنيا ويا. ايم ڊي فواد غفار سومرو چيو ته صاف سٿرو ماحول شهرين جي صحت ۽ زندگي جي معيار لاءِ انتهائي اهم آهي. هن لاڳاپيل عملي کي هدايت ڪئي ته ڪچري جي بروقت صفائي ۽ منتقلي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ شهر جي مختلف علائقن ۾ صفائي جو معيار وڌيڪ بهتر ڪيو وڃي. هن چيو ته صاف شهر لاءِ ادارن سان گڏ شهرين جو سهڪار پڻ ضروري آهي، گڏيل ڪوششن سان ئي حيدرآباد کي صاف، صحتمند ۽ بهتر شهر بڻائي سگهجي ٿو.











