وومينز انڊر _ 19 ٽي_20 ، 3 ملڪي سيريز لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان

لاهور-17  سيپٽمبر(اي پي پي )وومينز انڊر_ 19 ٽي_ ٽوئنٽي، 3 ملڪي سيريز لاءِ ميچ آفيشلز جي نالن جو اعلان ڪيو ويو آهي. پاڪستان، بنگلاديش ۽ سريلنڪا جون وومين انڊر 19 ٽيمون 10 ميچن تي ٻڌل 3 ملڪي سيريز ۾ حصو وٺنديون، جيڪي 2 کان 16 آڪٽوبر تائين فيصل آباد ۾ کيڏيون وينديون. پي سي بي ترجمان موجب سموريون ميچون اقبال اسٽيڊيم فيصل آباد ۾ کيڏيون وينديون. ليگ مرحلي جي پڄاڻي تي پوائنٽس ٽيبل …

لاهور-17  سيپٽمبر(اي پي پي )وومينز انڊر_ 19 ٽي_ ٽوئنٽي، 3 ملڪي سيريز لاءِ ميچ آفيشلز جي نالن جو اعلان ڪيو ويو آهي. پاڪستان، بنگلاديش ۽ سريلنڪا جون وومين انڊر 19 ٽيمون 10 ميچن تي ٻڌل 3 ملڪي سيريز ۾ حصو وٺنديون، جيڪي 2 کان 16 آڪٽوبر تائين فيصل آباد ۾ کيڏيون وينديون. پي سي بي ترجمان موجب سموريون ميچون اقبال اسٽيڊيم فيصل آباد ۾ کيڏيون وينديون. ليگ مرحلي جي پڄاڻي تي پوائنٽس ٽيبل ۾ ٻن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ 16 آڪٽوبر تي فائنل ميچ کيڏي ويندي. سليمه امتياز، جيڪا آءِ سي سي انٽرنيشنل پينل آف امپائرز جو حصو آهي، ٽورنامينٽ ۾ امپائرنگ جا فرض سر انجام ڏيندي، جڏهن ته عبدالمقيت، ذوالفقار جان، عمران جاويد ۽ طارق رشيد پڻ امپائرنگ پينل جو حصو هوندا. ثانيه اشرف، عافيه امين ۽ نازيه نذير پڻ مختلف ميچن ۾ امپائرنگ ڪنديون. بلال خلجي 2 کان 8 آڪٽوبر تائين کيڏجندڙ پهرين پنجن ميچن ۾ امپائرنگ جا فرض ادا ڪندو، جڏهن ته افتخار احمد آخري چئن ليگ ميچن ۽ 16 آڪٽوبر تي ٿيندڙ  فائنل ميچ جي ريفري جا فرض انجام ڏيندو.

مزید خبریں