جميڪا-17 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪيريبين پريمئير ليگ ۾ 18 سيٽمبر اڄ جمعي ڏينهن ڪواليفائر ون ميچ کيڏي ويندي جنهن ۾ گيانا ايميزون واريئرز ۽ اينٽيگوا اينڊ باربوڊا فالڪنز جون ٽيمون برج ٽائون، بارباڊوس، ڪنگسٽن ۾ آمهون سامهون ٿينديون . اها سي پي ايل جي 37 هين ميچ هوندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سي پي ايل جو 14 هون ايڊيشن ويسٽ انڊيز ۾ جاري آهي ، جيڪو پنهنجي آخري مرحلي طرف تيزي سان …
ڪيريبين پريمئير ليگ ۾ گيانا ايميزون واريئرز ۽ اينٽيگوا اينڊ باربوڊا فالڪنز وچ ۾ ڪواليفائر ون ميچ اڄ کيڏي ويندي

مزید خبریں
جميڪا-17 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪيريبين پريمئير ليگ ۾ 18 سيٽمبر اڄ جمعي ڏينهن ڪواليفائر ون ميچ کيڏي ويندي جنهن ۾ گيانا ايميزون واريئرز ۽ اينٽيگوا اينڊ باربوڊا فالڪنز جون ٽيمون برج ٽائون، بارباڊوس، ڪنگسٽن ۾ آمهون سامهون ٿينديون . اها سي پي ايل جي 37 هين ميچ هوندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سي پي ايل جو 14 هون ايڊيشن ويسٽ انڊيز ۾ جاري آهي ، جيڪو پنهنجي آخري مرحلي طرف تيزي سان وڌي رهيو آهي ، جنهن ۾ مداحن کي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن . ليگ ۾ ڪرڪيٽ جي دنيا جي مختلف ملڪن جا مشهور رانديگر ايڪشن ۾ آهن. ليگ ۾ 18 سيپٽمبر تي کيڏجندڙ ناڪ آئوٽ مرحلي جي ڪواليفائر ميچ ۾ گيانا ايميزون واريئرز ۽ اينٽيگوا اينڊ باربوڊا فالڪنز جون ٽيمون برج ٽائون ، بارباڊوس ، ڪنگسٽن ۾ مقابلو ڪنديون . گيانا ايميزون واريئرز کي مشهور آل رائونڊر عمران طاهر قيادت ڪري رهيو آهي جڏهن ته اينٽيگوا اينڊ باربوڊا فالڪنز جي ٽيم جي قيادت مشهور آل رائونڊر معين علي ڪندو . ليگ ۾ 7 ٽيمون ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ مقابلو ڪري رهيون آهن، جن ۾ دفاعي چيمپئين ٽرنباگو نائٽ رائيڊر ، اينٽيگوا اينڊ باربوڊا فالڪنز، بارباڊوس ٽرائيڊنٽس، گيانا ايميزون واريئرز، جميڪا ڪنگز مين، سينٽ ڪٽس اينڊ نيوس پيٽرياٽس ۽ سينٽ لوشياڪنگز شامل آهن. ليگ ۾ فائنل سميت 39 ميچون کيڏيون وينديون.ڪيريبين پريمئير ليگ جي شروعات سال 2013ع ۾ ٿي هئي . ڪيريبين پريميئر ليگ جي تاريخ ۾ هيستائين 13 ايڊيشن کيڏجي چڪا آهن.











