واشنگٽن- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر دعويٰ ڪئي آهي ته ايران ڪنهن معاهدي تائين پهچڻ چاهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ريپبلڪن سينيٽ اميدوار مائيڪل وهٽلي جي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ گيسٽونيا ۾ خطاب ڪندي ٽرمپ چيو ته مونکي اميد آهي ته اسان جنگ جي خاتمي جي ويجهو آهيون، هو معاهدو ڪرڻ چاهين ٿا، هاڻي ڏسون ٿا ته اڳتي ڇا ٿئي ٿو. آمريڪي …
ايران ڪو معاهدو چاهي ٿو، جنگ خاتمي جي ويجهو آهي: آمريڪي صدر

مزید خبریں
واشنگٽن- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر دعويٰ ڪئي آهي ته ايران ڪنهن معاهدي تائين پهچڻ چاهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ريپبلڪن سينيٽ اميدوار مائيڪل وهٽلي جي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ گيسٽونيا ۾ خطاب ڪندي ٽرمپ چيو ته مونکي اميد آهي ته اسان جنگ جي خاتمي جي ويجهو آهيون، هو معاهدو ڪرڻ چاهين ٿا، هاڻي ڏسون ٿا ته اڳتي ڇا ٿئي ٿو. آمريڪي صدر گذريل ڪيترن ئي مهينن کان اهو موقف ورجائيندو رهي ٿو ته ايران ڳالهين ۽ امڪاني معاهدو جو خواهشمند آهي. پر ان دوران آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل ڪيترائي رابطا ۽ ڳالهيون ڪنهن مستقل معاهدي تائين نه پهچي سگهيون، جڏهن ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي خلاف فوجي ڪارروايون به ڪندا رهيا آهن. ٻئي پاسي جنگ ۽ آبنائي هرمز ۾ ڇڪتاڻ سبب تيل، ٻارڻ ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ اضافي تي آمريڪي ووٽرز جي ڳڻتي وڌي رهي آهي. نومبر ۾ رٿيل وچ مدي وارين چونڊن کان اڳ اها صورتحال ڪيترن ئي ريبپلڪن اميدوارن لاءِ سياسي چئلينج بڻجي چڪي آهي. تبصرو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته وڌندڙ معاشي دٻاءُ ۽ عوامي خدشا ٽرمپ انتظاميا کي گهٽ ۾ گهٽ عوامي سطح تي ايران سان ڳالهين جي حمايت ۽ جنگ جي خاتمي بابت ڳالهيون ڪرڻ تي راضي ڪيو آهي.











