آمريڪي نمائندن واري ايوان پاران ايران ۽ روس تي نيون پابنديون لڳائڻ جي بل جي منظوري

واشنگٽن- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي نمائندن واري ايوان، ايران ۽ روس خلاف وسيع پابندين تي ٻڌل هڪ بل 159 جي ڀيٽ ۾ 262 ووٽن تان منظور ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان بل کي اڳ ئي سينيٽ جي منظوري حاصل ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي ان کي صحيحين لاءِ صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي موڪليو ويندو. لنڊسي گراهم روس اينڊ ايران سينڪشنز ايڪٽ جي نالي سال پيش ڪيل …

واشنگٽن- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي نمائندن واري ايوان، ايران ۽ روس خلاف وسيع پابندين تي ٻڌل هڪ بل 159 جي ڀيٽ ۾ 262 ووٽن تان منظور ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان بل کي اڳ ئي سينيٽ جي منظوري حاصل ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي ان کي صحيحين لاءِ صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي موڪليو ويندو. لنڊسي گراهم روس اينڊ ايران سينڪشنز ايڪٽ جي نالي سال پيش ڪيل ان قانون جو مقصد روس تي اقتصادي دٻاءُ وڌائڻ سان گڏو گڏ ان سان سهڪار ڪندڙ ايراني ادارن خلاف به پابندين جي دائري کي وسيع ڪرڻ آهي. بل جي اهم شقن ۾ روس جي اختيارين، مالياتي ادارن، بينڪن ۽ روس جي توانائي ۽ دفاعي شعبن تي وڌيڪ پابنديون لڳائڻ شامل آهي. قانون تحت آمريڪي صدر کي اهو اختيار به حاصل هوندو ته هو روس جي تيل ۽ گيس جي وڏن خريدار ملڪن تي 100 سيڪڙو تائين ٽيرف لڳائي سگهندو. سينيٽ آگسٽ ۾ ان بل کي 11 جي ڀيٽ ۾ 86 ووٽن تان منظور ڪيو هو جڏهن ته نمائندن واري ايوان سيپٽمبر ۾ ان جي حتمي منظوري ڏني. بل هاڻي صدر ٽرمپ جي صحيحين لاءِ وائيٽ هائوس موڪليو ويو آهي.ان قانون ذريعي 1996ع جي ايران تي لڳايل پابندين جي ايڪٽ جو مدو 2026ع بدران هاڻي سال 2031ع تائين پنجن سالن لاءِ وڌايو ويندو. اها شق موجوده پابندين جي قانوني فريم ورڪ کي برقرار رکي ٿي ۽ ان تحت فوري طور تي نين ڪمپنين يا ماڻهن کي پابندين جي لسٽ ۾ شامل نه پيو ڪيو وڃي، پر روس سان هٿيارن يا دفاعي سهڪار ۾ ملوث ايراني ڪمپنين ۽ ادارن کي نشانو بڻائي سگهجي ٿو، جنهن سان ايران تي اقتصادي دٻاءُ وڌڻ جو امڪان آهي.

مزید خبریں