بيجنگ- 17 سيپٽمبر(اي پي پي)چين انٽرنيٽ سيٽلائيٽس جي نئين گروپ کي خلا ۾ موڪلي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين خميس ڏينهن لانگ مارچ-12 ڪيريئر راڪيٽ ذريعي انٽرنيٽ سيٽلائيٽس جي هڪ نئين گروپ کي ڪاميابي سان خلا ۾ روانو ڪري ڇڏيو. راڪيٽ مقامي وقت مطابق صبح جو 8 لڳي 32 منٽن تي ڏکڻ صوبي هاءِ نان ۾ واقع ڪمرشل خلائي جهاز جي لانچ مرڪز تان اڏام ڀري. لانچ ذريعي گهٽ مدار …
چين انٽرنيٽ سيٽلائيٽس جي نئين گروپ کي خلا ۾ موڪلي ڇڏيو

مزید خبریں
بيجنگ- 17 سيپٽمبر(اي پي پي)چين انٽرنيٽ سيٽلائيٽس جي نئين گروپ کي خلا ۾ موڪلي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين خميس ڏينهن لانگ مارچ-12 ڪيريئر راڪيٽ ذريعي انٽرنيٽ سيٽلائيٽس جي هڪ نئين گروپ کي ڪاميابي سان خلا ۾ روانو ڪري ڇڏيو. راڪيٽ مقامي وقت مطابق صبح جو 8 لڳي 32 منٽن تي ڏکڻ صوبي هاءِ نان ۾ واقع ڪمرشل خلائي جهاز جي لانچ مرڪز تان اڏام ڀري. لانچ ذريعي گهٽ مدار (لو آربٽ) ۾ انٽرنيٽ سيٽلائيٽس جو 25 هون گروپ مقرر ڪيل مدار ۾ ڪاميابي سان داخل ٿي ويو.











