رياض- 17 سيپٽمبر(اي پي پي) سعودي عرب جي ايئر عربيه ڪنسورشيم دمام جي ڪنگ فهد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان اڏامون شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي جنرل اٿارٽي آف سول ايوي ايشن کان ايئر آپريٽر سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ بعد ڪنسورشيم ٻڌايو ته الشرقيه ريجن مان پهرين اڏام آچر 20 سيپٽمبر تي رياض لاءِ روانو ٿيندي. ڪنسورشيم پهرين مرحلي ۾ ٽن هنڌن رياض، جده ۽ مديني شريف لاءِ …
سعودي عرب جي ايئر عربيه ڪنسورشيم پاران دمام ايئرپورٽ تان اڏامون شروع ڪرڻ جو اعلان

مزید خبریں
رياض- 17 سيپٽمبر(اي پي پي) سعودي عرب جي ايئر عربيه ڪنسورشيم دمام جي ڪنگ فهد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان اڏامون شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي جنرل اٿارٽي آف سول ايوي ايشن کان ايئر آپريٽر سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ بعد ڪنسورشيم ٻڌايو ته الشرقيه ريجن مان پهرين اڏام آچر 20 سيپٽمبر تي رياض لاءِ روانو ٿيندي. ڪنسورشيم پهرين مرحلي ۾ ٽن هنڌن رياض، جده ۽ مديني شريف لاءِ خدمتون فرام ڪندو. دمام کان رياض ۽ جده لاءِ روزانو ٻه اڏامون جڏهن ته مديني شريف لاءِ روزانو هڪ اڏام هلائي ويندي.











