ڪابل پاڪستان مخالف عسڪريت پسند گروهن جي خلاف فيصلائتي ۽ تصديق جوڳي ڪارروائي ڪري ته سرحدي گذرگاهون ٻيهر کولڻ لاءِ تيار آهيُون: پاڪستان جي پرڏيهي آفيس

اسلام آباد - 17 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو سرحدي گذرگاهون ٻيهر کولڻ، ٽرانزٽ ٽريڊ بحال ڪرڻ ۽ افغانستان کي علائقائي رابطن جي مرڪز جي طور تي استعمال ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي شرط اهو آهي ته ڪابل پاڪستان مخالف عسڪريت پسند گروهن جي خلاف فيصلائتي ۽ تصديق جوڳي ڪارروائي ڪري. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان سجاد حيدر خان هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته …

اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو سرحدي گذرگاهون ٻيهر کولڻ، ٽرانزٽ ٽريڊ بحال ڪرڻ ۽ افغانستان کي علائقائي رابطن جي مرڪز جي طور تي استعمال ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي شرط اهو آهي ته ڪابل پاڪستان مخالف عسڪريت پسند گروهن جي خلاف فيصلائتي ۽ تصديق جوڳي ڪارروائي ڪري. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان سجاد حيدر خان هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته جيڪڏهن افغانستان دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان تعاون ڪري ته پاڪستان جي لاءِ سرحد گذرگاهون کولڻ، ٽرانزٽ ٽريڊ جي بحالي سميت ان بندش کي جاري رکڻ جو ڪو سبب نه آهي، اسان پنهنجون سرحدون کولڻ، واپار ڪرڻ، افغانستان کي ڪنيڪٽنگ حب جي طور تي استعمال ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون ۽ پورو خطو اصل ۾ هڪ پرامن خطي مان فائدو کڻي سگهي ٿو، اسان جي پاليسي هڪ پرامن افغانستان جي رهي آهي جيڪو اندر کان به پرامن هجي ۽ پاڙيسري ملڪن سان به پرامن هجي. هن گذريل سال نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي افغانستان جي دوري جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ تي ڪيتريون ئي رعايتون پيش ڪيون، ٽيرف گهٽ ڪيو ۽ افغانستان کي چيو ته اتان ٿيندڙ دهشتگردي کي روڪي، بدقسمتي سان اهو سلسلو جاري آهي. هن چيو ته پاڪستان دوست ملڪن قطر، ترڪيه ۽ چين جي ذريعي به ڪوشش ڪئي پر افغانستان پاران عدم تعاون جي ڪري اهي ڪوششون ڪامياب نه ٿي سگهيون. ترجمان چيو ته نه رڳو پاڪستان پر چين جا به دهشتگرد سرگرمين بابت اهڙي طرح جا مشاهدا آهن ۽ وچ ايشيائي ملڪ به افغانستان ۾ سيڪيورٽي صورتحال تي خوش نه آهن. هن چيو ته چين، قطر ۽ ترڪيه ثالثي جي حوالي سان تمام تعميري ڪردار ادا ڪيو ڇو ته پاڪستان گذريل سال قطر ۽ استنبول ۾ ڪابل سان ٻيهر ڳالهه ٻولهه ڪئي پر افغانستان جو ردعمل منفي رهيو ۽ هن افغان سرزمين تان دهشتگردي کي روڪڻ جي خاطري ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ترجمان چيو ته پاڪستان سمورن مسئلن کي پرامن طريقن سان، يقيني طور تي ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي، اسان پنهنجي ريڊ لائين واضح طور تي بيان ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻي افغانستان کي ڏسڻو آهي ته هو دهشتگردي ڪيئن روڪي سگهي ٿو ڇو ته مسلسل هڪ طرف کان دهشتگردن جي چرپر جي آزادي هجي ۽ پوءِ پاڪستان پاران مختلف نتيجي جي اميد نه ڪن. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ هفتي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي اعلى سطح جي اجلاس ۾ پاڪستان جي قيادت ڪندو، ساڻس گڏ نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ٻيا وفاقي وزير پڻ هوندا، اتي هو علائقائي ۽ عالمي ترقي تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو، دهشتگردي جي خاتمي ۽ اسلامو فوبيا تي ترجيحون بيان ڪندو ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير (آءِ آءِ او جي ڪي) ۽ فلسطين جي صورتحال طرف ڌيان ڇڪرائيندو. دوري دوران هو اعلى سطح جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو ۽ عالمي اڳواڻن ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو جن ۾ گهڻ رخي نظام، گڏيل قومن جي چارٽر، علائقائي امن ۽ عالمي تعاون جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪيو ويندو. ترجمان 1963ع جي بائونڊري معاهدي ۽ جوائنٽ ڪميشن تي ڀارت جا اعتراض رد ڪندي ڪشمير کي گڏيل قومن جو تڪراري علائقو قرار ڏنو ۽ ڀارت کي چيو ته هو 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي فيصلن کي واپس وٺي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير بابت ڀارت جي دعوى به ايتري ئي ناقابل قبول آهي ڇو ته ڄمون ۽ ڪشمير هڪ عالمي طور تي مڃيل تڪراري علائقو آهي جنهن جو حتمي فيصلو گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب گڏيل قومن جي نگراني هيٺ ريفرنڊ جي ذريعي طئي ٿيڻو آهي. هن ڀارت کي پنهنجي غيرقانوني ۽ طرفي فيصلن تي خود احتسابي ڪرڻ جي اپيل ڪئي. هن چيو ته پاڪستان 15 سيپٽمبر تي پاڪستان جي خصوصي اقتصادي زون ۾ هڪ ڀارتي سامونڊي جهاز جي اشتعال انگيزي ۽ جارحاڻي اڳڀرائي تي ڀارتي ناظم الامور کي طلب ڪيو جيڪا ٻطرفي ۽ عالمي اصولن جي خلاف ورزي هئي ۽ اڄ ئي پاڪستان هاءِ ڪميشن نئين دهلي ڀارتي پرڏيهي وزارت کي ڊيمارش جاري ڪندو. هن ٻڌايو ته هن سال پاڪستان رڳو اپريل ۾ ويساکي جي لاءِ ڀارتي زائرين کي 2800 کان وڌيڪ ويزا جاري ڪيا، گرُو ارجن ديو جي شهادت جي ڏينهن جي لاءِ 700 کان وڌيڪ ۽ جون ۾ مها راجا رنجيت سنگهه جي ورسيءَ جي لاءِ 438 ويزا جاري ڪيا ۽ پاڪستان ايندڙ ويساکي ميلي جي لاءِ سک زائرين جي آجيان ڪرڻ جي لاءِ پڻ تيار آهي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ ڀارتي ناظم الامور هن هفتي جي شروع ۾ ايس سي او – آر اي ٽي ايس ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڀارت جي نمائندگي ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ايس سي او ۾ ڀارتي شرڪت جاري رهندي ڇو ته پاڪستان ايندڙ سال ايس سي او ملڪي سربراهن واري سمٽ جي ميزباني ڪرڻ وڃي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان اسٽريٽجڪ ميوچل ڊفينس ايگريمنٽ ۽ مڪه جوائنٽ ڊفينس ايگريمنٽ جو انهن جي روح موجب پابند آهي. ترجمان وضاحت ڪئي ته سيڪيورٽي ۽ دفاع جي شعبي ۾ سعودي عرب ۽ ترڪيه سان پاڪستان جي حصيداري تسليم ٿيل آهي ۽ مڪه معاهدو انهن ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ جاري تعاون ۽ ڊگهي مدي واري ٻطرفي تعاون جي ڪيترن ئي رخن کي باضابطا ۽ وڌيڪ مضبوط بڻائي ٿو، اهو معاهدو نج دفاعي مقصدن جي لاءِ آهي، اهو ڪنهن به ملڪ جي خلاف نه آهي ۽ نه ئي باضابطا طور تي ڪو نئون بلاڪ جوڙي ٿو. هن اسرائيل جي منصوبابند غزه زميني ڪارروائي جي شديد مذمت ڪئي ۽ ٻه رياستي حل جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو جيڪو 1967ع جي سرحدن تي ٻڌل هجي ۽ ان جي گادي وارو شهر بيت المقدس هجي. مسعود اظهر تي انعام بابت هن ڀارتي تنقيد رد ڪندي چيو ته پاڪستان پنهنجي عالمي قانوني فرضن کان پوري طرح آگاهه آهي ۽ باقاعدگي سان ضروري قدم ۽ ڪارروايون ڪري ٿو ته جيئن پنهنجي عالمي فرضن ۽ لاڳو جوڳي قانونن موجب عمل ڪري. افغانستان جي ميڊيڪل جي شاگردن جي پاڪستان ۾ اسٽيٽس بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته درست ويزا تي ۽ درست ڪورس جي لاءِ رجسٽرڊ شاگرد پنهنجي تعليم جاري رکندا ۽ مڪمل ڪندا. ايران جي مهان ايئر تي پابندين بابت هن چيو ته پاڪستان جا لاڳاپيل ادارا ان معاملي تي ڪم ڪري رهيا آهن ڇو ته اها ايئر لائين نه رڳو پاڪستان پر ٻين جاين تي پڻ ڪم ڪري ٿي. آمريڪا – ايران ثالثي بابت هن چيو ته پاڪستان 47 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو ٻنهي ملڪن کي ڳالهه ٻولهه جي ميز تي آندو جنهن جي نتيجي ۾ اسلام آباد ميمورنڊم آف انڊر اسٽيڊنگ وجود ۾ آيو. جيڪڏهن اسان اسلام آباد ايم او يو ۾ ڏنل شقن تي عمل ڪريون ته امن ۽ استحڪام حاصل ڪري سگهجي ٿو، اسان ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جا مضبوط حامي آهيون، جيڪي اسان پنهنجي طرفن جاري رکنداسين. هن بي سي سي آءِ جي ان فيصلي تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ڀارتي عورتن جي ٽيم کي اسٽيج تي وڃڻ ۽ اي سي سي صدر محسن نقوي کان ٽرافي وصول ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ۽ ڀارت کي چيو ته راند کي هٿيار نه بڻائي. هاڪيءَ ٽيم کي ڀارت نه موڪلڻ جي پاڪستان جي فيصلي تي هن چيو ته پاڪستان ٽئين ملڪ جي پليٽ فارم تي ڀارت سان کيڏڻ ۾ تمام گهڻو خوش ٿيندو جيئن ڪرڪيٽ ۾ ڪري ٿو. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزارت ٻن شفٽن ۾ روزانو 17000 کان 18000 دستاويزن تي ڪارروائي ڪري ٿي، 120 ملڪن جي پوسٽل فريم ورڪ ۽ دستاويزن جي ڊيجيٽل پروسيسنگ جي ذريعي ڊائسپورا جا خرچ گهٽ ڪري ٿي ٻن سالن ۾ ڪيش ليس ۽ ڊيجيٽل ادائيگي جي نظام جي ذريعي 3.4 ارب رپيا حاصل ڪيا آهن. هن چيو ته وزارت سهولت ۽ دستاويزن جي لاءِ مختلف قدم کنيا آهن جن ۾ ڪيو آر ڪوڊ سسٽم ۽ ڪوريئر سسٽم جو تعارف، پاور آف اٽارني جي ڊيجيٽل تصديق ۽ ايڇ اي سي ۽ آءِ بي سي سي سان ڊيٽا بيس جو انضمام شامل آهي. گذريل هفتيج ي سفارتي مصروفيتن کي اجاگر ڪندي هن مقدس جڳهه مڪه المڪرمه جي طرف مبينا ڊرون حملن جي مذمت جو ورجاءُ ڪيو ۽ شاهي سعودي هٿياربند فوج جي غيرمعمولي چوڪسي، جرئت ۽ پيشيواراڻي مهارت جي واکاڻ ڪئي جيڪا انهن فوجي دليراڻي ردعمل ۾ ڏيکاري. هن وزيراعظم محمد شهباز  شريف ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي وچ ۾ ٽيليفون ڳالهه ٻولهه، لبناني گهرو وزير احمد الحجار جي پاڪستان جي دوري ۽ اعلى قيادت سان انهن جي ملاقاتن ۽ سفير شفقت علي خان جي جمهوري آرمينيا ۾ پاڪستان جي پهرين سفير جي طور تي سفارتي سندون پيش ڪرڻ جو پڻ ذڪر ڪيو.

مزید خبریں