اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي)قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال پمز اسپتال ۾ ٻارن جي سڙي فوت ٿيڻ واري واقعي تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪنهن به ماڻهوءَ کي بچايو نه ويندو، واقعي جي جاچ مڪمل شفاف انداز ۾ ڪئي ويندي ۽ ذميدارن خلاف ڪارروائي ٿيندي. جمعي ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ پمز واقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ان کان …
پمز اسپتال جي واقعي جي جاچ مڪمل شفاف انداز ۾ ڪئي ويندي: مصطفيٰ ڪمال

مزید خبریں
اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي)قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال پمز اسپتال ۾ ٻارن جي سڙي فوت ٿيڻ واري واقعي تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪنهن به ماڻهوءَ کي بچايو نه ويندو، واقعي جي جاچ مڪمل شفاف انداز ۾ ڪئي ويندي ۽ ذميدارن خلاف ڪارروائي ٿيندي. جمعي ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ پمز واقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ان کان وڌيڪ ٻيو ڏکوئيندڙ واقعو نٿو ٿي سگهي، جنهن ۾ معصوم ٻارن جون زندگيون هلي ويون، ان تي ڪا تسلي بخش وضاحت موجود ناهي. هن چيو ته هو وفاقي وزير جي حيثيت سان ان معاملي جي ذميداري قبول ڪري ٿو ۽ پارليامينٽ آڏو جوابده آهي. هن چيو ته واقعي جي جاچ لاءِ وزيراعظم طرفان ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، ان جي رپورٽ 24 ڪلاڪن ۾ متوقع آهي، جيڪڏهن رپورٽ ۾ ڪا خامي کوٽي رهجي وئي ته ميمبرن جي تجويزن کي نظر ۾ رکيو ويندو. هن واضح ڪيو ته وزيراعظم ۽ حڪومت طرفان ڪنهن کي بچائڻ يا رپورٽ لڪائڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، هڪ ماڻهوءَ کي نه ڇڏيو ويندو. وفاقي وزير ڪميٽيءَ جي مُدت کي صرف 40 ڏينهن تائين محدود رکڻ بدران ان کي کُليو رکڻ جي تجويز جي حمايت ڪندي چيو ته جاچ کي ڪجهه ڏينهن جي ڪارروائيءَ تائين محدود نه ڪرڻ گهرجي، ڪميٽيءَ کي ان وقت تائين ڪم جاري رکڻ گهرجي جيستائين سمورا لاڳاپيل ادارا ۽ ماهر آئينده اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ قابلِ عمل لائحه عمل تي متفقه نه ٿين. هن چيو ته صحت واري وزارت وٽ گذريل 14 مهينن جي لاڳاپيل معلومات ۽ رڪارڊ موجود آهي ۽ اهي جاچ ڪندڙ ڪميٽيءَ کي فراهم ڪيا ويندا. هن چيو ته سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي ڪميٽيءَ آڏو پيش ڪيو ويندو ته جيئن حقيقتون سامهون اچي سگهن ۽ مستقبل ۾ اهڙن سانحن کان بچي سگهجي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته پمز جو واقعو نظام ۾ موجود خامين جي نشاندهي جو هڪ موقعو پڻ آهي ۽ اسان کي ان سانحي کي صرف هڪ اسپتال تائين محدود رکڻ نه گهرجي. هن ماهرن کي جاچ ۽ سڌارن جي عمل ۾ شامل ڪرڻ جي حمايت ڪندي چيو ته وزارت ماهرن جي رهنمائي ۽ تجويزن تي عمل ڪندي. هن چيو ته ملڪ ۾ هر سال وڏي انگ ۾ اهڙا ٻار ۽ مائرون به فوت ٿي وڃن ٿيون جن جون جانيون بچائي نٿيون سگهجن. هن انگن اکرن جو حوالو ڏيندي چيو ته هڪ سال دوران 5 سالن جي عمر تائين جا تقريبن 4 لک ٻار فوت ٿين ٿا، جڏهن ته ڄم دوران هزارين مائرن جون جانيون ضايع ٿين ٿيون. هن چيو ته ان موتن جي روڪٿام لاءِ به مؤثر قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته حڪومت جو مقصد صرف پمز جي موجوده واقعي جي ذميدارن جو تعين ڪرڻ نه پر پوري نظام ۾ بنيادي ۽ مؤثر سڌارا آڻڻ آهي ته جيئن آئينده ڪنهن ٻار جي جان غفلت يا انتظامي ڪمزوريءَ سبب ضايع نه ٿئي. هن چيو ته هو پنهنجي وزارت جي سموري لاڳاپيل معلومات ۽ رڪارڊ پارلياماني ڪميٽيءَ آڏو رکڻ جي لاءِ تيار آهي ۽ جاچ جي عمل ۾ مڪمل تعاون ڪندو. هن چيو ته حڪومت ان معاملي کي دٻائڻ بدران ذميدارن جو تعين ڪندي ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ عملي قدم کنيا ويندا. وفاقي وزير سينيٽ جي ميمبرن طرفان واقعي تي ڳڻتي ۽ تجويزن تي سندن ٿورو مڃيندي چيو ته ان سانحي کي ڪجهه ڏينهن بحث تائين محدود نه هئڻ گهرجي پر ان کي مستقبل لاءِ جامع سڌارن جو بنياد بڻجڻ گهرجي.











