عمان - 05 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ان انتهائي اهم وزارتي اجلاس منعقد ڪرڻ تي هاشمي مملڪت اردن سان دلي ٿورن جو اظهار ڪري ٿو، اسان هڪ اهڙي نازڪ مرحلي تي گڏ ٿيا آهيون جڏهن قابض طاقت اسرائيل پاران والاريل فلسطيني علائقن خاص طور تي والاريل اوڀر يروشلم ۾ جاري غيرقانوني قدم مقدس جاين جي تقدس ۽ …
پاڪستان پاران اهم وزارتي اجلاس منعقد ڪرڻ تي اردن سان دلي ٿورن جو اظهار، والاريل فلسطيني علائقن ۾ اسرائيلي غيرقانوني قدم مقدس جاين جي تقدس ۽ تاريخي تشخص کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار

مزید خبریں
عمان – 05 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ان انتهائي اهم وزارتي اجلاس منعقد ڪرڻ تي هاشمي مملڪت اردن سان دلي ٿورن جو اظهار ڪري ٿو، اسان هڪ اهڙي نازڪ مرحلي تي گڏ ٿيا آهيون جڏهن قابض طاقت اسرائيل پاران والاريل فلسطيني علائقن خاص طور تي والاريل اوڀر يروشلم ۾ جاري غيرقانوني قدم مقدس جاين جي تقدس ۽ تاريخي تشخص کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن، عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن کي نظرانداز ڪري رهيا آهن ۽ منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار امن جي امڪانن کي وڌيڪ ڪمزور ڪري رهيا آهن. اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب والايل اوڀر يروشلم جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي وزارتي اجلاس کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان مسجد اقصى/ الحرم الشريف تي انتهاپسند اسرائيلي آبادڪارن جي مسلسل حملن جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو جن جي سرپرستي اسرئيل جا اعلى حڪومتي وزير ڪري رهيا آهن ۽ جن کي قابض فوج جو تحفظ حاصل آهي. يروشلم جي مذهبي ۽ تاريخي حيثيت کي ڄاڻي واڻي مجروح ڪري اسرائيل سڄي دنيا جي اربين مسلمانن جي مذهبي جذبن کي مشتعل ڪري رهيو آهي، اهي قدم نه رڳو علائقائي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ پر مختلف مذهبن جي پيروڪارن کي هڪ وسيع تر تڪرار ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش معلوم ٿين ٿا، اسان کي هرگز ان جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان اسرائيل جي انهن ڪاررواين ۽ اشتعال انگيزين جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو. نائب وزيراعظم چيو ته ان حقيقت ۾ ڪو ابهام نه هجڻ گهرجي ته والاريل اوڀر يروشلم ۽ اتي موجود اسلامي ۽ مسيحي مقدس جاين تي اسرائيل جي ڪا خودمختياري نه آهي، انهن جاين جي حيثيت يا تشخص تبديل ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدم ڪالعدم، غيرقانوني ۽ بي اثر آهن. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان يروشلم ۾ اسلامي ۽ مسيحي مقدس جاين تي هاشمي سرپرستي جي تاريخي ۽ خصوصي ڪردار جي پنهنجي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. پاڪستان اردن جي اوقاف ۽ اسلامي معاملن واري وزارت سان واڳيل يروشلم اوقاف ۽ مسجد اقصى معاملن واري کاتي کي مسجد اقصى/ الحرم الشريف جي انتظام ۽ انصرام جو واحد قانوني ۽ مجاز ادارو تسليم ڪري ٿو. مسجد اقصى جو مڪمل 144 دونم تي ٻڌل رقبو مسلمانن جي عبادت جي لاءِ مخصوص مقدس جڳهه آهي ۽ ان کي ورڇ ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش ناقابل قبول آهي ۽ ان کي واضح انداز ۾ رد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان غيرقانوني اسرائيلي بستين جي مسلسل توسيع، نئين آبادڪاري چوڪين جي قيام، آبادڪارن جي وڌندڙ تشدد ۽ والاريل فلسطيني علائقن، خاص طور تي اولهندي ڪناري ۾ فلسطيني عوام تي جاري ظلم ۽ ڏاڍ تي پڻ شديد ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو. اهي پاليسيون عالمي انساني قانون جي خلاف ورزي، انصاف جي عالمي عدالت جي مشاورتي راءِ کان انحراف ۽ غيرقانوني قبضي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو سبب بڻجي رهيون آهن، انهن سنگين خلاف ورزين تي احتساب نه ٿيڻ جي ڪري قابض طاقت کي اهڙيون پاليسيون جاري رکڻ جو حوصلو مليو آهي جيڪي فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي امڪانن کي نقصان پهچائي رهيون آهن ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهي رهيون آهن. محمد اسحاق ڊار چيو ته غزه ۾ انساني صورتحال انتهائي نازڪ آهي، جنگبندي ۽ امن منصوبي جي ڪجهه حصن تي عملدرآمد سان جيتوڻيڪ ڪجهه بهتري آئي آهي جڏهن ته اڃا به 59 سيڪڙو آباديءَ شديد غذائي عدم تحفظ جو شڪار آهي، خاص طور تي جنگبندي کانپوءِ به 1100 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جيڪو امن منصوبي تي مڪمل ۽ مخلصاڻي عملدرآمد تي سواليه نشان آهي، اٽڪل 20 لک ماڻهو اڃا به غزه جي رڳو 30 سيڪڙو رقبي تائين محدود آهن ۽ انتهائي ڏکئي حالتن ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. جيتوڻيڪ جنگبندي ۽ صدر ٽرمپ جي غزه تڪرار جي خاتمي جي جامع منصوبي انساني مصيبتن ۾ گهٽتائي ۽ فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ رياست قائم ڪرڻ طرف اڳڀرائي جي لاءِ هڪ اهم موقعو فراهم ڪيو آهي پر موجوده صورتحال ان ڳالهه جي گهرجاءُ آهي ته امن جي ان موقعي کي برقرار رکڻ جي لاءِ گڏيل ذميواري جو مظاهرو ڪيو وڃي. هن چيو ته انهن حالتن جي ڏس ۾ عرب ۽ اسلامي ملڪن کي اتحاد، عزم ۽ گڏيل قدمن سان اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ يروشلم ۽ ان جي مقدس جاين جي تحفظ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي مسجد اقصى/ الحرم الشريف جي خلاف سمورين خلاف ورزين جي فوري خاتمي، تاريخي ۽ قانوني حيثيت جي تحفظ ۽ يروشلم جي قديم شهر ۽ مقدس جاين تائين بنا رڪاوٽ پهچ جو مطالبو ڪن.










