نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هڪ ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اردن جي گادي واري شهر عمان کان روانو

اسلام آباد - 05 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هڪ ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اردن جي گادي واري شهر عمان کان روانو ٿي ويو. اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب پنهنجي دوري دوران هن يروشلم بابت وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي هم منصب پرڏيهي وزيرن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪيون. روانگي جي موقعي تي هاشمي مملڪت …

اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هڪ ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اردن جي گادي واري شهر عمان کان روانو ٿي ويو. اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب پنهنجي دوري دوران هن يروشلم بابت وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي هم منصب پرڏيهي وزيرن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪيون. روانگي جي موقعي تي هاشمي مملڪت اردن جي پرڏيهي ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي معاملن واري وزارت ۾ انساني حقن جي ڊائريڪٽوريٽ جي  ڊائريڪٽر سجاالمجالي، اردن ۾ پاڪستان جي سفير ميجر جنرل (ر) خرم سرفراز خان ۽ پاڪستاني سفارتخاني جي عملدارن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي الوداع ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير وطن واپسي کان اڳ مدينه منوره ۾ مختصر قيام ڪندو.

مزید خبریں