اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڊئنمارڪ اسٽريٽجڪ سيڪٽر ڪوآپريشن (ايس ايس سي) پروگرام جي شروعات لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيح ڪري ڇڏي، جنهن سان گڏ ئي اسٽريٽجڪ سيڪٽر ڪوآپريشن پروگرام جي باضابطه شروعات ٿيندي. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب مفاهمتي يادداشت تي پاڪستان طرفان پاور ڊويزن جي سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم عرفان جڏهن ته ڊئنمارڪ طرفان پاڪستان ۾ مقرر ڊئنمارڪ جي سفير ماجا ڊيروس مورٽينسن مفاهمتي …
پاڪستان ۽ ڊئنمارڪ وچ ۾ گرين انرجي منتقلي کي هٿي ڏيڻ لاءِ اسٽريٽجڪ سيڪٽر کي آپريشن بڻائڻ جي پروگرام جي شروعات

مزید خبریں
اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڊئنمارڪ اسٽريٽجڪ سيڪٽر ڪوآپريشن (ايس ايس سي) پروگرام جي شروعات لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيح ڪري ڇڏي، جنهن سان گڏ ئي اسٽريٽجڪ سيڪٽر ڪوآپريشن پروگرام جي باضابطه شروعات ٿيندي. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب مفاهمتي يادداشت تي پاڪستان طرفان پاور ڊويزن جي سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم عرفان جڏهن ته ڊئنمارڪ طرفان پاڪستان ۾ مقرر ڊئنمارڪ جي سفير ماجا ڊيروس مورٽينسن مفاهمتي يادداشت تي صحيح ڪئي. وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري به صحيح واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. توانائيءَ جي شعبي ۾ جي ٽو جي بنياد تي قائم اها ڀائيواري ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي. ان تحت ڊئنمارڪ جا ماهر پاڪستاني وفاقي توانائيءَ جي ادارن کي فني معاونت فراهم ڪندا ته جيئن پاڪستان ۾ گرين انرجي طرف منتقليءَ جي عمل کي تيز ڪري سگهجي ۽ موسمياتي تبديليءَ کي مُنهن ڏيڻ جي قومي ڪوششن کي وڌيڪ مؤثر بڻائي سگهجي. ايس ايس سي تي عملدرآمد ڊئنمارڪ جي موسمياتي واري وزارت، توانائي ويوٽيليٽيز تحت ڪم ڪندڙ ڊينش انرجي ايجنسي اسلام آباد ۾ ڊئنمارڪ جي سفارتخاني ۽ پاڪستان جي توانائيءَ واري وزارت جي سهڪار سان ڪيو ويندو. ان پروگرام تحت فني معاونت، اداره جاتي سگهه ۾ واڌ، ڄاڻ ۽ تجربن جي مٽاسٽا ۽ آگاهيءَ کي هٿي ڏيڻ ذريعي پاڪستان جي توانائي شعبي ۾ گهٽ ڪاربان ترقيءَ جي راهه هموار ڪئي ويندي، جڏهن ته قومي سطح تي تعين ٿيل قومي هدفن جي مؤثر، گهٽ لاڳت کي لاڳو ڪرڻ ۽ ان کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۾ به معاونت فراهم ڪئي ويندي. ان معاهدي تحت ڊئنمارڪ جي ماهرن 3 بنيادي شعبن ۾ خصوصي فني معاونت ۽ سگهه وڌائڻ لاءِ سهڪار فراهم ڪندا جن ۾ ڊگهي مُدي واري توانائي منصوبا بندي، تجديد جوڳي توانائي جو قومي گرڊ ۾ مؤثر انضمام ۽ صنعتي شعبي ۾ توانائيءَ جي مؤثر استعمال کي هٿي ڏيڻ شامل آهي. ان پروگرام جو مقصد پاڪستان جي توانائي شعبي جي اهم ادارن خاص ڪري انڊپينڊيٽ سسٽم اينڊ مارڪيٽ آپريٽر، نيشنل گرڊ ڪمپني، نيشنل انرجي ايفيشني اينڊ ڪنزرويشن اٿارٽي، نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي، پاور پلاننگ اينڊ مانيٽرنگ ڪمپني ۽ پرائيويٽ پاور اينڊ انفراسٽرڪچر بورڊ جي فني صلاحيتن، اداره جاتي سگهه ۽ پيشيوراڻي مٿهارت کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ آهي. اهو اسٽريٽجڪ سهڪار ڊينش انرجي ٽرانزيشن انيشيئٽو جي ڪاميابين جو تسلسل آهي. جنهن تحت 2021ع کان 2025ع تائين پاڪستان جي توانائي جي شعبي جي ادارن کي فني معاونت ۽ سگهه وڌائڻ ۾ معاونت فراهم ڪئي. ان پروگرام دوران پاڪستان جي توانائي جي شعبي سان واڳيل ماهرن ڊئنمارڪ جي ٻن مطالعاتي دؤرن ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڪراچي ۽ لاهور ۾ ساليانو 2 گرين ٽيڪ تقريبن جو بندوبست به ڪيو ويو جن ذريعي علم ۽ تجربن جي مٽاسٽا، توانائيءَ جي شعبي لاءِ ڊگهي مدي واري ويزن کي هٿي يڏڻ ۽ پائيدار ماحول دوست ٽيڪنالاجيز جي تيز تر انضمام کي هٿي ڏني وئي. پاڪستان ۽ ڊئنمارڪ وچ ۾ اها ڀائيواري توانائيءَ جي شعبي ۾ پائيدار سڌارن، جديد فني مهارت کي هٿي ڏيڻ، اداره جاتي سگهه ۾ واڌ ۽ صاف، محفوظ ۽ گهٽ لاڳت توانائيءَ جي نظام جي جوڙجڪ طرف ٻنهي ملڪن جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي.










