اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران ٻه طرفي اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ ساليانو گڏيل واپار 10 ارب آمريڪي ڊالرن تائين وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي پاڪستان- ايران گڏيل واپاري ڪميٽيءَ جي 10هين اجلاس جي پڄاڻي ڪئي. گڏيل واپاري ڪميٽيءَ جي پڄاڻي واري اجلاس جي گڏيل صدارت واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ايران جي صنعت، کاڻين ۽ واپار واري وزير …
پاڪستان ۽ ايران پاران ٻه طرفي اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ ساليانو گڏيل واپار 10 ارب آمريڪي ڊالرن تائين وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران ٻه طرفي اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ ساليانو گڏيل واپار 10 ارب آمريڪي ڊالرن تائين وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي پاڪستان- ايران گڏيل واپاري ڪميٽيءَ جي 10هين اجلاس جي پڄاڻي ڪئي. گڏيل واپاري ڪميٽيءَ جي پڄاڻي واري اجلاس جي گڏيل صدارت واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ايران جي صنعت، کاڻين ۽ واپار واري وزير ڊاڪٽر محمد اتابڪ ڪئي. اجلاس جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي وزيرن ٻه ڏينهن واري ڳالهين دوران طئي ٿيل فيصلن ۽ مفاهمتن تي ٻڌل گڏيل معاهدن تي صحيحي ڪئي. اجلاس ۾ ٻنهي ملڪن ڄاڻايل پاڪستان- ايران آزاد واپاري معاهدي (فري ٽريڊ ايگريمينٽ) تي ٿيل اڳڀرائيءَ جي آجيان ڪئي. ان سلسلي ۾ قاعدن، محصولن ۾ گهٽتائيءَ جي طريقيڪار ۽ مختلف شين جي فهرستن بابت معاملن تي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران بارڊر واپار کي هٿي ڏيڻ، ڪاروباري ادارن وچ ۾ رابطا مستحڪم بنائڻ، صنعتي سهڪار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ، نجي شعبي جي شموليت وڌائڻ ۽ گڏيل سرحدي مارڪيٽن کي فعال بنائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن واپار ۾ سهولت، ڪسٽمز جي گڏيل رابطن، چُرپر، لاجسٽڪس ۽ سرحدي بنيادي ڍانچي کي وڌيڪ بهتر بنائڻ تي زور ڀريو ويو ته جيئن خاص ڪري جلد خراب ٿيندڙ شين سيمت واپاري سامان کي بنا رنڊڪ چُرپر يقين بنائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي واپار واري وزير ڄام ڪمال خان چيو ته اجلاس ۾ طئي ٿيل قدمن پاڪستان ۽ ايران جي تاريخ ۽ ڀائراڻن ناتن کي وڌيڪ مضبوط اقتصادي ڀائيواريءَ ۾ تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. ايران جي وزير واپاري رڪاوٽن جي خاتمي ۽ ٻه طرفي اقتصادي ۽ واپاري ناتن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ ايران جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي وزيرن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته گڏيل واپاري ڪميٽي جي آئينده اجلاس کان اڳ گڏيل فيصلن تي وقت سر عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مسلسل رابطا ڪاري برقرار رکي وڃي. اجلاس جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي ملڪن جي وفد يادگار تحفن جي مٽاسٽا ڪئي ۽ پاڪستان ۽ ايران جي جٽادار دوستاڻن ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.










