وفاقي وزير قيصر احمد شيخ جي ايراني ڪاروباري وفد سان ملاقات

اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ايراني سفارتخاني جي عملدارن جي هڪ اعليٰ سطحي ڪاروباري وفد سان تفصيلي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ٻه طرفي واپار، گڏيل سيڙپڪاري ۽ اقتصادي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايراني وفد ۾ ٽريڊ فيسيليٽيشن اينڊ ڊولپمينٽ جي چيئرمين محمد رضا چفر اللهي، شاهروز …

اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ايراني سفارتخاني جي عملدارن جي هڪ اعليٰ سطحي ڪاروباري وفد سان تفصيلي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ٻه طرفي واپار، گڏيل سيڙپڪاري ۽ اقتصادي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايراني وفد ۾ ٽريڊ فيسيليٽيشن اينڊ ڊولپمينٽ جي چيئرمين محمد رضا چفر اللهي، شاهروز شريعت جڏهن ته ڪرمان ۽ تهران چيمبر آف ڪامرس جا ميمبر شامل هئا. ان موقعي تي سيڙپڪاري بورڊ جا سينيئر آفيسر، خاص ڪري ڊائريڪٽر جنرل محمود طفيل به موجود هو. وفاقي وزير وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ايران ڀائر اسلامي ملڪ آهن، جن جي وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي ناتا انتهائي مضبوط آهن. هن چيو ته پاڪستان جي 25 ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي هڪ وڏي مارڪيٽ آهي جيڪا واپار ۽ سيڙپڪاريءَ جا وسيع موقعا فراهم ڪري ٿي. ايراني وفد ڪرمان صوبي جي اهميت تي روشني وجهندي ٻُڌايو ته اتي چار اقتصادي زونز قائم آهن، جڏهن ته ڪرمان چيمبر آف ڪامرس جا 2 هزار کان وڌيڪ ميمبر آهن. هن ٻُڌايو ته ڪرمان معدنيات جي شعبي ۾ سرِفهرست آهي، زرعي پيداوار ۾ نمايان حصو رکي ٿو جيڪو پستا ۽ کجور جي پيداوار جي حوالي سان عالمي شهرت رکندڙ آهي. ملاقات دوران ايراني وفد ڪراچي، رمدان ۽ امڪاني طور تي چاه بهار تائين واپاري راهداريءَ جي قيام جي تجويز پيش ڪئي، ان مقصد لاءِ گڏيل سيڙپڪاريءَ تحت منصوبو شروع ڪرڻ تي اتفاق راءِ ڏٺو ويو جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري رابطن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. وفد ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان جي ايران کي روانگي واپار ۾ ويجهڙ ۾ تاريخي واڌ ٿي آهي. هن ٻُڌايو ته ڪيترائي پاڪستاني ڪاروباري ماڻهو پهرين ئي ڪرمان جو دؤرو ڪري چڪا آهن، جتي هڪ هزار کان وڌيڪ ڪاروباري ملاقاتون ٿي چڪيون آهن، جنهن سان مستقبل جي سهڪار جو بنياد رکجي چڪو آهي. شاهروز شريعت چانور جي واپار جي حوالي سان ٻُڌايو ته ايران کي ساليانو اٽڪل 30 لک ٽن چانور گهربل هوندا آهن جنهن مان 20 لک ٽن مقامي طور تي پيدا ٿئي ٿو جڏهن ته 10 لک ٽن آمدني واپار ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته پاڪستان جو حصو وڌي اٽڪل 40 سيڪڙو ٿي چڪو آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ واڌ جا امڪان موجود آهن. وفاقي وزير گڏيل رٿائن جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته چانور جي پراسيسنگ، پيٽرو ڪيميڪل، اسٽيل، انجنيئرنگ سروسز ۽ آٽو پارٽس جي شعبن ۾ وسيع موقعا موجود آهن. هن ملائيشيا جي چانور جي پراسيسنگ ۾ گڏيل منصوبي جو مثال ڏيندي ايران سان به ان ئي نوعيت جي سهڪار جي حوصله افزائي ڪئي. هن موجوده بئنڪاري ۽ پابندين بابت چئلينجز جي پيشِ نظر بارٽر واپار (شين جي مٽاسٽا) کي هٿي ڏيڻ جي تجويز به ڏني، جنهن ذريعي چانور، ڪيميڪلز ۽ ٻين شين جي مٽاسٽا ممڪن بڻائي سگهجي ٿو. وفاقي وزير ان سان پنهنجي ذاتي تجربن جو ذڪر ڪندي چيو ته هو ڪيترائي ڀيرا ايران جو دؤرو ڪري چڪو آهي ۽ اتي ڪاروباري رابطا رکي ٿو. هن فارسي ٻولي ۽ ادب سان پنهنجي دلچسپيءَ جو پڻ اظهار ڪيو. ملاقات ۾ انجنيئرنگ سروسز، ٽيسٽنگ، انسپيڪشن ۽ سرٽيفڪيشن جي شعبن ۾ سهڪار تي به غور ڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان اسٽينڊرڊز اينڊ ڪوائلٽي ڪنٽرول اٿارٽي ذريعي ضروري سرٽيفڪيشن حاصل ڪري گڏيل منصوبن کي هٿي ڏئي سگهجي ٿي. ايراني وفد پاڪستان حڪومت طرفان فراهم ڪيل سهولتن کي ساراهيندي وفاقي وزير ۽ بي او آءِ قيادت کي ايران جي دؤري جي دعوت ڏني. وفاقي وزير ان دعوت جي آجيان ڪندي چيو ته ايران جو دؤرو سندس ايندڙ منصوبن ۾ شامل آهي. اها ملاقات اهڙي وقت ۾ ٿي جڏهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، جنهن ۾ واپار واري ايراني وزير جو دؤرو پاڪستان جي واپار واري وزير سان ملاقاتون ۽ گڏيل واپاري ڪميٽيءَ جون سرگرميون شامل آهن. ڊائريڪٽر جنرل بي او آءِ محمود طفيل وفد جو شڪريو ادا ڪندي بي او آءِ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي ۽ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ اقتصادي سهڪار کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته بورڊ آف انويسٽمينٽ پرڏيهي سيڙپڪارن جي سهولت، گڏيل منصوبن کي هٿي ڏيڻ ۽ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ اقتصادي موقعن مان ڀرپور فائدو يقيني بنائڻ لاءِ مڪمل طور تي پُرعزم آهي.

مزید خبریں